ڀارت ۾ ڪورونا سبب ھڪ ڏينھن ۾ 4 ھزار ماڻھو اجل جو شڪار

0
439

نئين دھلي (ڊيسڪ رپورٽ) ڀارت ۾ ڪورونا وائرس سبب هڪ ڏينھن ۾ تقريبن رڪارڊ 4 هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، 4 لک 12 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيسز به سامهون اچي ويا، اڳوڻو وزير به ڪورونا سبب فوت ٿي ويو، ڀارتي ميڊيا موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪورونا سبب 3 هزار 980 ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا، جڏهن ته ملڪ ۾ ڪورونا جو ڪل ڪيسز جو تعداد 2 ڪروڙ 10 لک کان وڌي ويو، ڀارتي رياست مهاراشٽرا ڪورونا وائرس سان بري طرح مثار آهي جتي 920 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، ان کانپوءِ اتر پرديش ۾ 353 ماڻهو فوت ٿي ويا، ڀارتي ميڊيا موجب هندستان جون 5 رياستون ڪورونا کان سخت متاثر آهن، جن ۾ مهار اشٽرا، ڪرناٽڪا، ڪيرالا، اتر پرديش ۽ تامل ناڊو آهن، ڀارت ۾ هيل تائين 2 لک 30 هزار ماڻهو ڪورونا سبب موت جي منهن ۾ هليا ويا ۽ فعال ڪيسز جو تعداد 35 لک 66 هزار کان وڌيڪ آهي، ٻي طرف ڀارت جو اڳوڻو وزير اجيت سنگهه به ڪورونا وائرس سبب وفات ڪري ويو.