لاڙڪاڻو/قمبر (نمائندن وٽان) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي قافلي تي مبينا حملو، پٿراءُ ڪيو ويو، صوبائي وزير تي حملو ڪرائڻ جو الزام، سيال هائوس الزام رد ڪري ڇڏيا. ان ڏس ۾ ترجمان موجب اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ قافلي سميت مشوري ريگيوليٽر تي گندي پاڻي جي معاملي جو دورو ڪيو، جتي پنجن هٿياربندن حليم عادل شيخ جي گاڏيءَ تي پٿراءُ ڪيو جن مان 2 ڄڻن کي هٿن ۾ هٿيار پڻ هئا. هن چيو ته هٿياربند صوبائي وزير سهيل انور سيال جي چوڻ تي حملو ڪرڻ لاءِ آيا هئا، ترجمان موجب اپوزيشن ليڊر جي خانگي گارڊن طرفان اڳتي اچڻ تي سمورا هٿياربند فرار ٿي ويا. هوڏانهن قمبر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حليم عادل شيخ الزام هڻندي چيو ته صوبائي وزير سهيل انور سيال ڳوٺ يار محمد لاشاري ۾ مون مٿان حملو ڪرائي گاڏي تي پٿراءُ ڪرايو، هن ٻڌايو ته ڪجھه ماڻهن جي هٿن ۾ پسٽل ۽ ڏنڊا هئا، جڏهن ته اسان قانون هٿ ۾ نه کنيو، منهنجي گارڊن جي اچڻ تي حملي آور فرار ٿي ويا. هن چيو ته مون فون ذريعي اهڙو اطلاع ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي ڏنو، هن گهر ڪئي ته واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي، ٻئي طرف سيال هائوس جي ترجمان حليم عادل شيخ جي الزامن کي رد ڪندي چيو ته حليم عادل موجب گاڏي تي پٿراء ٿيو آھي، جڏهن ته گاڏي تي ان جا نشان نظر نه ٿا اچن، هن چيو ته يار محمد لاشاري ۾ پاڻي سپلاءِ نه ڪيو ويندو آھي، حليم عادل کي علائقي جي خبر ئي ناهي، هو صرف ڪوڙ ڳالهائي رهيو آھي، هو سياست ڇڏي ڊارما ٺاهي، پ پ ڊارمن واري سياست نه ڪندي آھي. ترجمان موجب ڪوڙا الزام لڳائڻ تي حليم عادل خلاف بدناموسي جو نوٽيس موڪليو ويندو.