اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪراچي ۾ پاڪ چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) اسپيشل اڪنامڪ زون جي قيام جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ سي پيڪ منصوبن تي ٿيل اڳڀرائي ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ وارن معاملن جو جائزو ورتو ويو، وزيراعظم غيرملڪي سيڙپڪارن خاص طور چيني سيڙپڪارن کي ويزا جاري ڪرڻ ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم چيو ته سيڙپڪاري جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ترجيحي بنيادن تي ختم ڪيو وڃي، وزيراعظم سي پيڪ اسپيشل اڪنامڪ زون بابت ٿيل اڳڀرائي کي تسلي بخش قرار ڏنو، اجلاس ۾ ڪراچي ۾ سي پيڪ اسپيشل اڪنامڪ زون جي قيام جو به فيصلو ڪيو ويو، وزيراعظم چيو ته چين ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ پارٽنر شپ جو دنيا ۾ مثال نٿو ملي، سيڙپڪارن کي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون، سي پيڪ پاڪستان لاءِ اقتصادي ترقي جي راهه آهي، پوري خطي جي ترقي جو رستو به سي پيڪ کان ٿي گذري ٿو.