لاڙڪاڻو (رپورٽ نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ پ پ کي ڌچڪو، ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو اڳوڻو چيئرمين پ پ ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ شامل، خبر موجب لاڙڪاڻي ۾ انصاف هائوس تي ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جي اڳوڻي چيئرمين ۽ پ پ اڳواڻ خان محمد سانگهرو پنهنجي 150 کان وڌيڪ ساٿين سان سميت پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي حليم عادل شيخ چيو ته خان صاحب جي لاڙڪاڻي آمد جي موقعي تي چيو ويو ته لاڙڪاڻي ۾ سيڪيورٽي رسڪ آهي هو ٻئي ڪنهن پاسي هليو وڃي، هينئر سيف الله ابڙو کي دٻائڻ لاءِ پوليس کي استعمال ڪيو ويو، سندس ڀاءُ رحمت الله ابڙو کي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته پ پ وارا هر وقت پوليس کي استعمال ڪندا آهن، هن چيو ته جيڪڏهن مراد علي شاهه، نثار کهڙو ۽ سهيل سيال کي وڙهڻو آهي ته هو ايس ايڇ او ۽ ڪانسٽيبل جي وردي پائي مقابلو ڪن، اڄ پوليس کي سنڌ جي سياست مان ڪڍي ڇڏيو ته پ پ جي سياست ختم ٿي ويندي. هن چيو ته هن وقت سنڌ ۾ رينجرز ۽ فوج کي آڻڻ کان سواءِ ڌاڙيل راڄ ختم نٿو ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته وردي ۽ بغير وردي جي ڌاڙيلن جو گڏجي علاج ڪرڻو پوندو، حليم عادل چيو ته هن وقت پنجاب ۾ پاڻي چوري 6 کان 7 سيڪڙو ۽ سنڌ ۾ پاڻي چوري 30 کان 35 سيڪڙو آهي، سنڌ ۾ جاگيردار، سردار، نواب ۽ وڏيرا پاڻي چوري ڪري رهيا آهن، جن خلاف پ پ حڪومت ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري. پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته خان محمد سانگهرو ۽ ٻين دوستن کي پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪرڻ تي ڀليڪار چوان ٿو، هن چيو ته اسان وچولي ۽ هيٺين طبقي جا ماڻهو آهيون، خان محمد سانگهرو به وچولي طبقي جو ماڻهو آهي. هن چيو ته ڀٽو صاحب جاگيردارن کي پسند نه ڪندو هو، هن چيو ته پ پ قيادت لاءِ پيغام آهي ۽ هاڻي سندن زوال جي شروعات لاڙڪاڻي مان ٿي چڪي آهي، هن چيو ته پ پ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ مخصوص لابي ۽ طبقي جي ور چڙهي وئي آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو زندهه هجي ها ته نام نهاد اڳواڻ عوام جا حق غضب نه ڪن ها. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اندر ٻيا به ڪافي ماڻهو پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪندا، اسان جو قافلو وڌندو پيو وڃي، هن چيو ته خان محمد سانگهرو کي ڌمڪيون ڏنيون ويون، آءُ پوليس کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته اوهان جي وردي داغدار بڻيل آهي ان کي بدبودار نه بڻايو، پوليس کي گهرجي ته سياستدانن جي وچ ۾ نه اچي. هن چيو ته جنهن پ پ اڳواڻ وٽ چانهه پيئڻ جا پئسا نه هوندا هئا، اهو اسان مٿان بدناموسي جي دعويٰ ڪيئن داخل ڪرائيندو، پهريان هو پنهنجي گهر کي ڊاهي پٽ ڪري ائين ناهي جو جج کيس ڳچيءَ مان وٺي سندس گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏي. پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪندڙ خان محمد سانگهرو چيو ته 1987ع کان نثار کهڙو سان گڏجي تحريڪ استقلال کانپوءِ پ پ ۾ شامل ٿيو هئس ۽ 30 سالن تائين ان ۾ ئي رهيس. هن چيو ته جيئن سيف الله ابڙو جو ڏوهه آهي ته هو وڏيرو ناهي، اهڙي طرح منهنجو به ڏوهه آهي ته مان وڏيرو ناهيان، ان ڪري ڪنهن کي پسند نه آهيان،