لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور ۾ لوهاري گيٽ ويجهو انارڪلي بازار ۾ بم ڌماڪي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 27 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. لاهور جي انارڪلي بازار ۾ لوهاري گيٽ تي دڪانن جي ويجهو ڌماڪو ٿيو جنهن جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو جڏهن ته ڌماڪي سبب مختلف عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا ۽ ويجهو بيٺل موٽرسائيڪلن  کي به نقصان پهتو. واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ علائقي کي ڪڙو چاڙهي امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون، ڌماڪي واري جاءِ کي سيل ڪيو ويو. ريسڪيو ذريعن موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته  28 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن جن کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي . 18 ورهين جي ياسر ميوا اسپتال ۾ دم ڏنو،  ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جنهن ڪري فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. ڊي سي لاهور ٽن ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪندي چيو ته مارجي ويلن ۾ هڪ ٻار شامل آهي جنهن جي عمر9 سال آهي ۽ سندس سڃاڻپ ابصار جي نالي سان ٿي آهي. جيڪو ڪراچي جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي سندس والدين به زخمي ٿيا آهن جڏهن ته ٻئي فوتي جي سڃاڻپ 18 سالن جي ياسر ۽ 30 سالن جي رمضان طور ٿي آهي. ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ڌماڪو پلانٽيڊ ڊوائيس ذريعي هڪ لڳي 45 منٽن تي ٿيو جنهن بابت بم ڊسپوزل اسڪواڊ ڪم ڪري رهيو آهي. ذريعن موجب ڌماڪي واري جاءِ تي کڏو ٿي ويو آهي ۽ فارنزڪ ٽيمون شاهديون گڏ ڪري رهيون آهن. پوليس علائقي ۾ ڌماڪي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته دڪانن وٽ پلانٽڊ بم لڳايو ويو هو جنهن جي ڦاٽڻ سبب زوردار ڌماڪو ٿيو آهي ۽ تقريبن ڏيڍ فٽ گھرو کڏو ٿي ويو آهي. ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ عمارت متاثر ٿي جڏهن ته 8 موٽر سائيڪل تباهه ٿي ويا، ذريعن جو چوڻ هو ته ڌماڪو انارڪلي بازار جي داخلي رستن تي ٿيو آهي ۽ بم نجي بينڪ جي ويجهو موجود دڪانن وٽ لڳل هو. ڊي آءِ جي آپريشنز ڊاڪٽر عابد ڌماڪي ۾ 25 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته واقعي جي شروعاتي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ڌماڪي جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. ڌماڪي جي ذميواري پابندي پيل تنظيم بلوچ نيشنلسٽ آرمي قبول ڪئي آهي. ٻي پاسي وزيراعظم عمران خان لاهور ڌماڪي ۾ قيمتي انساني حياتيون زيان ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ زخمين کي فوري طور تي طبي امداد جي فراهمي جي هدايت ڪئي وئي آهي. وزيراعظم عمران خان پنجاب حڪومت کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.