اسلام آباد (م ڊ) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد دعويٰ ڪئي آهي ته کيس اسٽيبلشمينٽ جو هٿ عمران جي مٿي تي آهي ۽ اهو شريفن جي ڳچي تائين پهچي سگهي ٿو وارو  بيان واپس وٺڻ لاءِ چيو ويو آهي پر اهو بيان واپس نه وٺندس، عمران خان احتساب ڪرڻ ۽ ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي پنجن ڇهن ۾ کيس حالتون ٺيڪ ڪرڻيون آهن. خبر ناهي ته نواز شريف ڪهڙي حال ۾ پاڪستان موٽندو. ٽي ٽي پي سان قبيلن ۽ جرڳن جي سطح تي ڳالهيون هلندڙ آهن. ادارا پاليسين سان گڏ آهن ۽ انهن جي پاليسي اها آهي ته هو چونڊيل حڪومت سان گڏ آهن. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي وفاقي گهرون وزير چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته ٽي ٽي پي سان معاملا حل ٿي وڃن، پر سندن مطالبا آساني سان مڃي نه ٿا سگهجن، هو پاڪستان اچڻ چاهين ٿا ته اچي وڃن جيڪو نه ايندو ان لاءِ ڏکيائيون آهن. هن ڇيو ته افغان طالبان کين روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر ننگرهار ۾ مسئلا آهن. اسان جا ڳالهين جا در بند نه آهن. طالبان ٽي ٽي پي وارن جون شرطون گهٽائي سگهن ٿا يا نه اها ڪا خبر نه آهي. ٽي ٽي پي سان ڳالهيون جرڳن ۽ قبيلن جي سطح تي جاري آهن. هن چيو ته گهرو وزير طور رڳو ٽي ٽي پي کي نه پر ٻين تنظيمن کي به ڏسي رهيو آهيان، فوج ۽ ايجنسين جي سهڪار سان مقابلو ڪنداسين، شام ۽ بين ملڪن ۾ به اسان جا ماڻهو ملوث آهن، طالبان کي چيو آهي ته اهي معاملا حل ڪن. اپوزيشن جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته هي سڀ گيٽ نمبر 4 جي پيداوار آهن، ڪو اسٽيبلشمنٽ سان ملي يا نه ملي پاڪستان جي سياست تي ڪو به اثر نه ٿو پوي. عمران جي خوش قسمتي آهي ته کيس نالائق اپوزيشن ملي آهي، هنن اسان جو ڇا بگاڙيو آهي. اسان به هنن جو ڪجهه ناهي بگاڙيو شهباز ۽ حمزه تي ڪيسن ۾ ڪجهه نه ٿيو آهي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اچي ۽ اچي تقريبن ۾ شرڪت ڪري هنن ساڍن ٽن سالن ۾ ڇا چيو آهي، فضل الرحمان کي ته چيئرمين ملي ويا آهن هاڻ هو استعيفائن جو نالو به نه وٺندو. هن وقت تڪن ۾ چونڊ مهم شروع ٿي وئي آهي. اپوزيشن ڪا غلطي ڪئي ته کين هٿ ملڻا پوندا. هن چيو ته  عمران 5 سال مڪمل ڪندو. اپوزيشن ايتري نااهل آهي جو ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته مون کي چيو ويو آهي ته عمران خان جي مٿي تي هٿ آهي اهو هٿ اپوزيشن جي ڳچي ۾ پوندو واري بيان جي ترديد ڪريان، مون کي ترديد ڪرڻ جو چيو ويو آهي پر آئون نه ٿو ڪريان. حڪومت ۽ فوج هڪ پيج تي آهن. ڪو به ٺس نه ٿيندو. ادارا پاليسين سان گڏ آهن ۽ پاليسي اها آهي ته چونڊيل حڪومت سان گڏ هلڻو آهي. هن چيو ته هاڻ هن حڪومت جو سال سوا رهجي ويو آهي، اپوزيشن کي چوان ٿو ته هڪ سال صبر ڪريو ڇهه مهينا وڌيڪ خوار ٿي وٺو جيڪو توهان جي نصيب ۾ آهي. هن چيو ته پنجن مهينن بعد ٻڌائيندس ته موجوده ڪارڪردگي سان حڪومت کي عوام مان ڪهڙو جواب ملندو، جون ۾ ايندڙ بجيٽ بهتر ڏينداسين. بهتر نه ٿي ته عوام جو حق آهي ته اها فيصلو حڪومت جي خلاف ڪري. عوام ڪڏهن به خراب فيصلو نه ڪندو آهي 1971ع کان وٺي اهو ثابت ٿي چڪو آهي. هن چيو ته عوام اسان کي احتساب لاءِ مينڊيٽ ڏنو، ڪرپشن جا ثبوت آيا پر اسان احتساب ڪري نه سگهياسين. هن چيو ته صنعتڪار ڪنهن جو به ناهي، راحت نقوي پي ٽي آءِ سان گڏ پ پ ۽ نواز ليگ کي به چندو ڏنو هوندو. هڪ اڌ غلطي کانسواءِ اسان ڪجهه غلط نه ڪيو نه ڪيو، آئون چوان ٿو ته ڊليور نه ڪري سگهيس، عمران ملڪ ۾ تبديلي آڻڻ چاهي ٿو غريب جي مدد ڪرڻ چاهي ٿو پر ڪري نه سگهيو آهي. هن ڇيو ته مون نوازليگ جي خاندان جي ڳالهه ڪئي آهي، شريف خاندان جي سياست نظر نه پئي اچي. جيڪو ليڊر ملڪ ڇڏي ويو هجي اهو ڪهڙو اڳواڻ آهي؟ ليڊر ته پنهنجي ملڪ ۾ مرندو آهي. الله کي خبر آهي ته نوازشريف ڪهڙي حيثيت ۾ پاڪستان ايندو، دعا آهي ته سٺي حال ۾ موٽي. هن ڇيو ته اپوزيشن 23 مارچ بدران بلاول سان گڏ اچي ته جيئن سڀني ئي هڪ ئي وقت اڪلائي ڇڏيون. هن چيو ته حڪومت ۽ فوج جا معاملا ۽ حالتون ٺيڪ آهن عمران خان خلاف عدم اعتماد جي ووٽ ۾ هنن جا 26 ماڻهو گهٽ نه ٿين ته مون کي چئجو. مون کي خبر ناهي ته مني بجيٽ تي فون ويا آهن يا نه. عمران کي پنجن ڇهن مهينن ۾ حالتون ٺيڪ ڪرڻيون آهن ۽ هو ڪري وٺندو. هن چيو ته پنڊي وارن جي مهرباني آهي جو منهنجو حيا ڪن ٿا آئون پنڊي جي عوام جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان.