حڪومت مري سانحي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي آگاهه ڪري ڇڏيو

0
135
اسان وساري ڇڏيو آهي ته

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت مري سانحي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي آگاهه ڪري ڇڏيو، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله درخواستگذار کي چيو ته سموري سول انتظاميا کي هٽايو ويو آهي، توهان وڌيڪ ڇا چاهيو ٿا؟

 هي عدالت سزا نٿي ڏئي سگهي، بُنيادي ذميواري ته وڏي وزير جي هئي، ڇا مري جو ڪو ڊسٽرڪٽ پلان ٺهيل آهي، اٽارني جنرل چيو ته مري کي ضلعو ٺاهڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ته جيئن اُتي ڌار پلان هجي، جاچ ڪميٽي به اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ سفارشون ڏنيون آهن

 عدالت اين ڊي ايم اي قانون تي مڪمل عمل جو حڪم ڏيندي چيو ته فيصلي ۾ لکنداسين ته اڳتي اهڙن واقعن جا ذميوار اهي سڀ عملدار هوندا