لاهور انتظاميا پاران تحريڪ انصاف کي اڄ ريلي ڪڍڻ جي مشروط اجازت

0
146
لاهور انتظاميا پاران تحريڪ انصاف کي اڄ ريلي ڪڍڻ جي مشروط اجازت
لاهور انتظاميا پاران تحريڪ انصاف کي اڄ ريلي ڪڍڻ جي مشروط اجازت

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور انتظاميا تحريڪ انصاف کي اڄ ريلي ڪڍڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي، عدليه ۽ ادارن خلاف تقريرون ڪرڻ تي پابندي هوندي

 پي ٽي آءِ پاران اڄ لبرٽي چوڪ کان ناصر باغ تائين ريلي ڪڍي ويندي، انتظاميا پاران جاري ڪيل اجازت نامي ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ريلي ۾ شرڪت لاءِ پوليس سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ جي حوالي سان قدم کڻندي

 ڊي سي لاهور رافعه حيدر پي ٽي آءِ کان شرطن تي عملدرآمد جو حلف وٺڻ بعد اجازت نامو جاري ڪيو، اجازت نامي ۾ چيو ويو آهي ته ريلي شام 4 وڳي تائين ٿيندي ۽ آجياڻي واريون ڪيمپس نه لڳايون وينديون، ريلي دوران ڪٿي به ڪاروبار بند ڪرائڻ جي اجازت نه هوندي

هي به پڙهندا

پي ٽي آءِ حڪومت سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ لانگ مارچ شروع ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو