پي ٽي آءِ حڪومت سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ لانگ مارچ شروع ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

0
116
اليڪشن ڪميشن عمران خان ۽ فواد چوڌري جا گرفتاري وارنٽ
پي ٽي آءِ حڪومت سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ لانگ مارچ شروع ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ لانگ مارچ شروع ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهين جي ڪاميابي چاهي ٿي، پر ڳالهيون ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، عوام هڪ وڏي تحريڪ هلائڻ لاءِ تيار رهي

 

 پنهنجي ٽويٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته اهو نه ٿو ٿي سگهي ته آئين جي رديءَ جو ٽڪڙو ۽ عوام کي ڪيڙو ماڪوڙو سمجهيو وڃي ۽ تحريڪ انصاف خاموش رهي

فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته تحريڪ جي شروعات سڀاڻي لاهور، پشاور ۽ اسلام آباد مان ريلين ذريعي ٿي رهي آهي، حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو ٽيون دور اڱاري ڏينهن ٿيندو، حڪومت پاران پي ٽي آءِ جي پهرين اسيمبلي ٽوڙڻ واري شرط بابت جواب ڏنو ويندو

هي به پڙهندا

حڪومت سان ڳالهيون ڪجن يا نه؟ پي ٽي آءِ جو اهم اجلاس