حڪومت سان ڳالهيون ڪجن يا نه؟ پي ٽي آءِ جو اهم اجلاس

0
91
حڪومت سان ڳالهيون ڪجن يا نه؟ پي ٽي آءِ جو اهم اجلاس
حڪومت سان ڳالهيون ڪجن يا نه؟ پي ٽي آءِ جو اهم اجلاس

پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپي کانپوءِ حڪومت سان ڳالهيون ڪجن يا نه؟ عمران خان جي صدارت هيٺ زمان پارڪ لاهور ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس جاري آهي

اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر قيادت شريڪ آهي، عمران خان کي ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال، پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گرفتارين سميت ٻين مامرن تي بريفنگ ڏني پئي وڃي

 فواد چوڌري چيو آهي ته حڪومت سان ڳالهيون جاري رکڻ بابت اڄ عمران خان اهم اعلان ڪندو

هن چيو ته پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپو ۽ علي امين گنڊاپور کي قيد ۾ رکڻ ڳالهين واري عمل کي بي معنيٰ بڻائي رهيا آهن

هن کي به پڙهندا

عدالتي سڌارن واري بل خلاف ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر

ثاقب نثار جي پٽ نجم ثاقب جي پي ٽي آءِ جون ٽڪيٽون کپائڻ بابت مبينا آڊيو ليڪ