پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو: مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ ميڙاڪا

0
106
پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو: مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ ميڙاڪا
پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو: مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ ميڙاڪا

ڪراچي (نمائندن وٽان)سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

 غربت، بيروزگاري، مهانگائي ۽ گهٽ اجورو اڄ به مزدور جا وڏا مسئلا بڻيل، مزدون جي عالمي ڏينهن تي اڄ سموري ملڪ ۾ موڪل آهي پر مزدور جي ڪا به موڪل نه آهي،

عالمي ڏينهن تي به اڄ پورهيت ٻچن جي پيٽ گذر لاءِ مزدوري ڪندي نظر اچي رهيا آهن، ليبر ڊي جي موقعي تي گوگل به پنهنجو ڊوڊل تبديل ڪري ڇڏيو آهي

 سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پورهيتن جي حقن بابت جاڳرتا لاءِ ريليون ڪڍي شڪاگو جي شهيد مزدورن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي

Labour Day Kay Taqazay - Labor Day Essay In Urdu - Urdu Articles & Columns | Pakistan Social Web

 ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظيرآباد جي ننڍن وڏن شهرن ۾ تقريبون ۽ ميڙاڪا منعقد ڪيا ويا، شهدادڪوٽ، شهدادپور، ڪشمور، ڏيپلو، ٺري ميرواهه، قاضي احمد، مورو، باڊهه، ميروخان ۽ ٻين شهرن ۾ به ريليون ڪڍيون ويون

 اڳواڻن چيو ته  ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي باوجود مزدورن کي تمام گهٽ اجرت ڏني وڃي ٿي جيڪا ناانصافي آهي

هي به پڙهندا

نواب ولي محمد سانحي کي 14 مهينا مڪمل: متاثرن کي انصاف نه مليو، ٻيهر ڌرڻي جو چتاءُ