پيٽرول اگهه ساڳيا برقرار: گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل 10-10 رپيا سستو

0
139
پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا في لٽر کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان
پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا في لٽر کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊسيڪ) وفاقي حڪومت پيٽرول اگهن ۾ ڪابه لاٿ نه آندي جڏهن ته گاسليٽ ۽ ڊيزل 10-10 رپيا في لٽر سستو ڪيو ويو

ناڻي جي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پيٽرول جي اگهن ۾ اضافي جي تجويز هئي پر پيٽرول جو في لٽر اگهه 282 روپيا برقرار رهندو

 گاسليٽ جي قيمت ۾ 10 روپيا گهٽتائي کانپوءِ گاسليٽ 176 روپيا 7 پئسا في لٽر ٿي ويو، لائيٽ ڊيزل به 10 رپين جي گهٽتائي سان 164 روپيا 68 پئسا في لٽر ٿي ويو، نوان اگهه 15 مئي تائين لاڳو رهندا

هي به پڙهندا

پيٽرول هڪ ڌڪ سان 10 روپيا مهانگو ٿيڻ تي عوام جون دانهون نڪري ويون