نواب ولي محمد سانحي کي 14 مهينا مڪمل: متاثرن کي انصاف نه مليو، ٻيهر ڌرڻي جو چتاءُ

0
122

قاضي احمد( ن پ ا) قاضي احمد ويجهو  ڀنڊ برادري جي 5 ڄڻن جي قتل کي 14 مهينا مڪمل ٿيڻ باوجود وارثن کي انصاف نه مليو، وارثن ٻيهر ڌرڻو هڻڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي

ڪچي جي علائقي نواب ولي محمد لڳ  ديهه ڀنڀاڻي جي ڀنڊ برادري جي پنجن ڄڻن معشوق ڀنڊ، ٽوھه فقير ڀنڊ، اياز ڀنڊ، صابن ڀنڊ ۽ اڪمل ڀنڊ  کي قتل ڪيو ويو هو

قاتلن جي گرفتاري ۽ مقتولن جي وارثن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين حراسان ڪرڻ واري عمل توڙي مک جوابدارن جي گرفتاري لاءِ حاجن ڀنڊ، خميسو ڀنڊ، ابن ڀنڊ معصوم ڀنڊ سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ پلي ڪارڊ بينر کڻي جيلاني پئٽرول پمپ کان روڊ تي نڪري احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ سياسي سماجي سول سوسائٽي شھرين ڀنڊ برادري جي ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي

 احتجاجي ريلي ۾ شامل مظاهرين مطالبو ڪيو ته 14مهينا اڳ سڌي فائرنگ ڪري گوليون هڻي قتل ڪيل پنجن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ ملوث مک جوابدارن کي اڃا تائين گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ نه آندو ويو آھي جوابدارن ڌر ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ  مقتولن جي مقتولن جي وارثن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڌٻاءُ وڌو پيو وڃي

هنن چيو ته  پوليس انهن ڌرين جي سهولتڪار بڻيل آھي، انصاف  گهرڻ تي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن فوري طور تي انصاف فراهم ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري شھيدن جي وارثن مٿان داخل ڪيل ڪيس واپس ورتا وڃن ٻي صورت ۾ ٻيهر نواب ولي محمد وٽ نيشنل هاءِ وي بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويندو

هي به پڙهندا

قاضي احمد: نواب ولي محمد واقعي خلاف ڌرڻو جاري، قومي شاهراهه بند