منهنجو توشه خانه ڪيس ٽي وي تي ٻڌو وڃي: عمران خان جو مطالبو

0
218
عمران خان اڄ پيش نه ٿيو ته عبوري ضمانت رد ڪنداسين: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ
عمران خان اڄ پيش نه ٿيو ته عبوري ضمانت رد ڪنداسين: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان لاهور ۾ زمان پارڪ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي  چيو ته منهنجو توشه خانه ڪيس ٽي وي تي ٻڌو وڃي، ڪارڪنن کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪنهن جي اڳيان ناهيان جهڪيو ۽ نه ئي جهڪندس

هن جو چوڻ آهي ته جن کي ملڪ تي مڙهيو ويو آهي انهن جا پئسا ٻاهر پيا آهن، مان ڀڄڻ ۽ ڊڄڻ وارو ناهيان، ڪارڪن مون سان گڏ آهن، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اڄ وڪيلن ذريعي خط لکي رهيو آهيان

مان چوان ٿو ته منهنجي جان کي خطرو آهي، چيف جستس کي خط لکيو ويندو، ڪورٽن ۾ پيش ٿيندو رهيو آهي، مون کي مارڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن

مون کي خطرو ئي تحفظ ڏيڻ وارن مان آهي، مون کي جعلي ڪيسن ۾ وري وري گهرايو پيو وڃي، سڀني جي سامهون آندو وڃي ته مون تي ڪهڙو ڪيس آهي، جيڪي ڏوهاري آهن انهن کي معاملي ملي وئي، مان هر پيشي تي ايندو رهيو آهيان ته پوءِ به ڪيس ڪيا پيا وڃن

عمران خان مطالبو ڪيو ته منهنجو توشه خانه ڪيس ٽي وي تي ٻڌو وڃي، اڳوڻو وزيراعظم آهيان ۽ مون تي قاتلاڻو حملو ٿي چڪو آهي، جان کي خطرو آهي، منهنجا وڪيل چيف جسٽس کي خط لکندا

هي به پڙهندا

آءِ جي اسلام آباد طرفان عمران خان کي هر صورت ۾ گرفتار ڪرڻ جي هدايت