آءِ جي اسلام آباد طرفان عمران خان کي هر صورت ۾ گرفتار ڪرڻ جي هدايت

0
159

ڪراچي: آءِ جي اسلام آباد طرفان پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان کي هر صورت ۾ گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

 آءِ جي اسلام آباد ناصر اڪبر چيو آهي ته لاهور ۽ اسلام آباد پوليس عمران خان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ زمان پارڪ ٻاهران موجود آهي

هن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد پوليس اڄ عمران خان کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندي، پي ٽي آءِ جي قيادت ۽ ڪارڪنن کي گذارش آهي ته قانوني ڪارروائي ۾ رُخنو نه وجهن

آءِ جي اسلام آباد جو چوڻ آهي ته عمران خان جي گرفتاري بابت عدالت جا حڪم واضح آهن، تشدد مسئلي جو حل نه آهي، پوليس کي زوري روڪيو ويو ته اهو به ڏوهه هوندو

هي به پڙهندا

عمران خان جي گرفتاري جا امڪان: اسلام آباد پوليس زمان پارڪ لاهور پهچي وئي

عمران خان جِي گرفتاري جِي ڪوشش سان حالتون خراب ٿينديون: فواد چوڌري