تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي سُٺي نموني تربيت نٿي ڪئي وڃي: نصير ميمڻ

0
202

ڪراچي ۾ سنڌ لٽريچر فيسٽيول جون آخري ڏينهن واريون تقريبون جاري آهن، تعليمي ادارن بابت سيشن ۾ امجد سراج ميمڻ چيو ته يونيورسٽيز ۾ رڳو ڊگرين جي ڊوڙ هلي رهي آهي

امجد سراج ميمڻ جو چوڻ هو ته تعليم کي رڳو پئسو ڪمائڻ جو ذريعو نه سمجهڻ گهرجي، جناح اسپتال جي گرلز هاسٽل تي رينجرز جو قبضو آهي، نوَن شاگردن کي رهائڻ ڏکيو ٿي ويو آهي

نصير ميمڻ چيو ته اسان جي تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي سُٺي نموني تربيت نٿي ڪئي وڃي، يونيورسٽيز جا ڪئمپس رڳو ملازم رکڻ لاءِ کوليا ويندا آهن، مادرِ علمين ۾ به صحيح تاريخ نه پڙهائي ويندي آهي، سنڌ سرڪار جي ذميواري آهي ته تعليمي ادارن جي هاسٽلز تان قبضو ختم ڪرائي

غلام نبي ڪلهوڙو ۽ ورسا پيرزادو چيو ته يونيورسٽيز ۾ اهڙي تعليم ڏني وڃي جو معاشرو تبديل ڪرڻ جي سوچ پيدا ٿئي، تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي سياسي تربيت نه ڏني ويندي آهي، ايس ايل ايف جي سيشن ۾ ڪتاب مٽي جا مڪتب جو مهورت ڪيو ويو