قصو گيدوڙيءَ هيٺان ويهي عجيب منظر ڏسڻ جو!

0
146
قِصو-ڊِي-سِي-صاحب-کان-مِليل-ڏيڍ-رُپيو-اِ

بجلي به جهڙي بيوفا محبوب هُجي، وڃڻ ۾ دير ئي ڪانه ڪري، اچڻ ۾ ڏينهن جا ڏينهن لڳايو ڇڏي. هيڪاري گرمي پگهر اچي پائنچن مان وهڻ لڳو. مون کٽ کڻي وڃي گيدوڙي هيٺان رکي ۽ سوچڻ لڳس ته آخر سرڪار اسان غريبن جو جيئڻ ڇو جنجال ڪري ڇڏيو آهي، اسان جو موجوده وزير اعظم شهباز شريف پاڻ کي شريف ٿو سڏائي پر اهڙو بي ايمان آهي جو اسان جي درياهه جي حصي جو  پاڻي چورائي پنجاب کي ڏئي ڇڏيو اٿس. اسان وٽ پوک ته پري ٿي، پيئڻ لاءِ به پاڻي ڪونهي، بجلي ڪونهي، سي اين جي گئس ڪانهي، باقي ٻن شين ۾ وڏي برڪت آندي اٿس، هڪ بيروزگاريءَ ۾، ٻيو مهانگائيءَ ۾. پيٽرول، ڊيزل، گاسليٽ مهانگو ٿي ويو، اٽو، دال، گِيهه، کنڊ، پتي، گوشت، ڀاڄيون ۽ فروٽ مهانگا ٿي ويا. سيڌي سامان جي اڻهوند جي ڪري گهر گهر ۾ بلوا ۽ بغاوتون، جهيڙا ۽ طلاقون، نفرتون ۽ خودڪشيون شروع ٿي ويون آهن، اجاين سوچڻ ۾ غرقور ٿيڻ کان بچاءَ لاءِ مون پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍي دُکايو، ڪنڌ مٿي ڪيم ته سامهون اروڙيءَ تي هڪ ڪُڪڙ ۽ ڪُڪڙي ڏٺم، ڪُڪڙ وڏو اُستاد پئي لڳو.

اروڙيءَ تي پيرن سان کوٽهاڙو ڪري جيت جڙا ڪڍي پاڻ به پئي کاڌس ۽ ڪُڪڙيءَ کي به پئي کارايائين، پوءِ وري کيس چوڌاري ڦريو، ڊانسون ڪريو کيس راضي ڪري پيار پيو ڪري، منهنجي سامهون ٽي چار دفعا ڪُڪڙيءَ سان پيار ڪيائين سو به بنا خرچ جي خالي اروڙيءَ جا مفت وارا ڪيڙا ماڪوڙا پئي ڪُڪڙيءَ کي کارايائين، سوچيم، مون کان ته وڌيڪ ڀاڳ وارو هِي ڪُڪڙ آهي، نه گهر جي خرچن جو بار، نه بجلي، گئس ۽ پاڻيءَ جو بل ڀري، نه ڪپڙي، لٽي، جُتي، صابڻ ۽ سرف جو بار، آنا به مادي لاهي، آري تي به اها ويهي، چوزا به کارائي پيارائي، پالي اها وڏا ڪري، هي نواب جو پُٽ وريو وڃو ٻين ڪُڪڙين سان پيار جا پيچ پائي، تيسين طوطن ماءُ به اچي کٽ تي ويٺي چيومانس، “طوطن ماءُ! ڪاش پاڻ انسان نه هُجون ها، آئون ڪُڪڙ هُجان ها، تُون ڪُڪڙي هُجين ها، آئون اروڙيءَ تي کوٽهاڙو ڪري توکي جيت جڙا کارائي، تنهنجي چوطرف ڊانسون ڪري توکي راضي ڪري پيار ڪريان ها، تُون ڏهه ٻارنهن آنا لاهي آري تي ويهي ٻچا ڦوڙي، انهن کي کارائي پيارائي، گهمائي پالي پئي وڏو ڪرين ها ۽ آئون وري ماسات ماڪوڙي واري ڪُڪڙيءَ سان وڃي پيار جا پيچ پايان ها، اها ٻچا ڄڻي ها ته، وري وڃي سئوٽ صدوري جي ڪُڪڙيءَ سان پيار جا پيچ اٽڪايان ها”. طوطن ماءُ چيو، “مُئا! آئون اهڙي ڪُڪڙي آهيان جو ماسات ماڪوڙي ۽ سئوٽ صدوري وارين ڪُڪڙين جو ته ساهه ڪڍي ڇڏيان ها پر چنبا هڻي تنهنجو ڪنڌ به مروڙي ڇڏيان ها!”. کلندي چيم، هل ڙي! اسان جي عورتن ۾ ته ڪُڪڙين کان به وڌيڪ غيرت آهي.

خير مونکي موڊ ۾ ڏسي طوطن ماءُ مون کي صلاح ڏني ته ڳوٺ ۾ الاهي بيروزگاري آهي، هن موسم ۾ ڪيلن، وونڻن ۽ بصرن جي گُڏ جي مزدوري ملندي هُئي ۽ سارين جي وِهر جي به مزدوري ملندي هُئي پر پاڻي نه هئڻ ڪري هڪ ته بيٺل فصل سُڪي سڙي ويا آهن ۽ ٻيا پوکي نٿا سگهجن. زمينون ويران ۽ بنجر آهن، سڄي سنڌ ۾ ڏُڪار آهي. هل ته پاڻ شهر ۾ هلي رهون. اُتي تُون روز گاڏي تي چپس، پڪوڙا، سموسا، ڀاڄيون ۽ ميوات وڪڻندين ته به هزار ٻه ڪمائي وٺندين ۽ پاڻ بُک ڪونه مرنداسين. سندس صلاح صفا راڻا ثناءُ الله واري هُئي، مون کي دل سان لڳي، اها ٻي ڳالهه آهي ته راڻا ثناءُ الله جي صلاحن شهباز حڪومت جا ترا ڪڍي ڇڏيا آهن، پوءِ اسان پنهنجا ٿورا گهڻا سامان، ڪپڙا، هنڌ ۽ بسترا چنگچي ڦٽي تي رکيا. وتائي فقير واري ڳالهه ته ڪڏهن ڪڏهن سُڃائي به ڪم اچي ويندي آهي، گهڻا سامان هُجن ها ته ٽرڪون ڪرڻيون پون ها. پويان ڇڏيل سامان منڊڙي بي اولاد گڏهه، دادلي ڪُتي، ڦلي ڪُڪڙ ۽ گيدوڙي تي ويٺل ڪانگڙي جي سئوٽ صدوري، ماسات ماڪوڙي ۽ نانا پيرو کي پارت ڪري اسان شهر ۾ اچي لڏو لاٿو، اسان کي هڪ بلڊنگ جي ڇهين ماڙ تي فليٽ ڪرائي تي مليو. مون ڪرائي تي گاڏو ورتو، ان تي ڀاڄيون وٺي وڪڻڻ لڳس، ڇهين منزل تي لهندي چڙهندي مون مسڪين جا لاهه نڪري ويا. سامهون واري فليٽ ۾ هڪ تمام حسين ۽ خوبصورت مائي رهندي هُئي.

دري کُلندي هُئي ته آئون پنهنجي فليٽ جي دري کولي سندس ديدار درشن ڪندو هئس. توهان کي خبر آهي ته، مابدولت پيدائشي عاشق مزاج، پيار جو پوڄاري  قرب جو ڪيڙو آهي، سو ان حسينه کي مفت ۾ دل ڏئي ويٺس، هڪ دفعي صبح سوير سندس دري کُلي، طوطن ماءُ اگهور ننڊ ۾ سُتل هُئي. حسينه اچي دري تي بيٺي، مون وارن جي اسٽائيل ٺاهي، اداڪار وحيد مُراد وانگر هڪ اڌ پاءُ جو وارن جو ڇڳو نراڙ تي لڙڪائي کيس هڪ رومانٽڪ گانو ٻُڌايو، “ميري سامني والي کڙڪي ۾، ايڪ چاند ڪا ٽُڪڙا رهتا هي، ديکهه ديکهه ڪر هم ڪو وه مُسڪراتا هي، ميري سامني والي کڙڪي مين…..” ٿوري دير کانپوءِ ان حسينه مون کي ان ڀلوڙ عشقيه گاني جو هِي جواب ڏنو، “ ميري سامني والي کڙڪي ۾ ايڪ ڪُتي ڪا بچه رهتا هي، ديکهه ڪر هم ڪو وه تو ڀونڪتا هي، ميري سامني والي کڙڪي مين….” گاني جو جواب ٻُڌي مُنهنجو اندر سڙي ويو ۽ ڏک ۾ منهنجو مُنهن اهڙو بڇڙو ٿي ويو، جهڙو ويامُو ٻڪريءَ جي اَئور ڦاسي پئي هُجي. نتيجي ۾ مون پنهنجي هڪ طرفي عشق تان ئي هٿ کنيو ۽ دريءَ کي ميجڪ هڻي هميشه جي لاءِ بند ڪري ڇڏيو، پوءِ سوچيم شهر جي زندگيءَ ۾ ته ماڳهين گهڻا خرچ آهن. فليٽ جو ڪرايو پندرنهن هزار، بجلي، پاڻي، گئس جو بل اٺ هزار، يونين جي في ٻه هزار رپيا، سئيپر هزار رپيا، چوڪيدار هزار رپيا، کير واري جو بل اٺ هزار رپيا، اخبار جو بل 600 رپيا، گهر جو روزانه خرچ 500 رپيا، طوطن جي اسڪول جي في ٽي هزار، سوزوڪي واري جا ماهوار چار هزار، گاڏي جو ڪرايو ماهوار ڇهه هزار رپيا، گاڏي بيهارڻ جا ماهوار ٽي هزار رپيا، منهنجو سگريٽن جو خرچ ماهوار 9 هزار رپيا، طوطن ماءُ جون ٽيسٽون ماهوار پندرنهن سئو رپيا، طوطن جي خرچي ماهوار ٽي هزار رپيا. ڪل ماهوار خرچ اسي هزار رپيا پيو ٿئي، مهيني ۾ ڪمايان پنجويهه يا ٽيهه هزار مس، باقي اوڌر پئي چڙهي، قرضي مون کي ايئن وڪوڙي ويا، جهڙو ڪنهن شريف گڏر تي ماڪوڙيون چڙهي ويون هجن، ٻيو آزار فقيرن جو هجي، فقير خالي مرد ڪونه هئا، مايون ۽ کدڙا به جام هئا،

هر پنجن منٽن کانپوءِ خيرات وٺڻ لاءِ گهنٽي وڄندي هُئي، آئون هيٺ لهي کين چوندو هئس معاف ڪريو، ڇهين ماڙ تي لهه چڙهه ڪندي منهنجا گوڏا سُڄي پيا. پوءِ کدڙن، ماين ۽ فقيرن کي ڇهين ماڙ تي مٿي گهرائي چوندو هئس، معاف ڪريو بابا…!نيٺ قرضين گهڻو تنگ ڪيو ۽ پوليس گهرائي گرفتار ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني. مون اهو درد جو داستان طوطن ماءُ کي ٻُڌايو،تنهن وري راڻا ثناءُ الله واري صلاح ڏني ته، هاڻي موٽ کاءُ واپس ڳوٺ ٿا هلون. اسان رات پيٽ ۾ پنهنجو سامان چنگچي پٺي تي رکيو ۽ گولي ٿي اچي ڳوٺ جي اباڻن ڪکن ۾ پهتاسين. سوچيم وڏڙا صحيح چئي ويا هئا ته، “ڀلي بُک ڀرم جي، شل نه وڃي شان”، ڳوٺ ۾ اٽو، مرچ، لوڻ ڪونهي ته، پاڙي مان اوڌر تي مليو وڃي، شهر ۾ ته پاڙي وارا نه سُڃاڻن، نه لفٽ ڪرائين. هاڻي مسئلو هو ته گذر سفر لاءِ هٿ پير هڻجي، نه ته طوطن ماءُ روز پئي منهنجي بيعزتي خراب ڪندي، تيسين کجو کنڀڙاٽي اچي سڏ ڪيو. کيس بيروزگاريءَ جي درد جو داستان ٻُڌايم. هُو مونکي رئيس راول خان روڏاڻي وٽ وٺي هليو، ان اشراف اسان ٻنهي کي هڪ هڪ مينهن اڌ تي ڏني، يعني مينهن جو چارڻ  ۽ سنڀالڻ اسان جو ڪم هوندو، ڦر، جيڪي ڄڻيندي، ان مان هڪ ڦر اسان جو، هڪ رئيس جو. اسين مينهون ڪاهي آياسين.

مون واري مينهن سان گڏ هڪ عدد پاڏو هو، جيڪو مينهن جو اڌ کير پي ويندو هو، مون طريقو نمبر 13 استعمال ڪيو، پاڏو ڪاسائي کي وڪڻي ڏنم، اُن ڪُهي ڇڏيو. سندس کل کڻي وڃي رئيس راول خان روڏاڻي کي ڏيکاريم، چيومانس، “رئيس وڏا! پاڻ واري پاڏي کي اوچتو گردن ٽوڙ بيماري ٿي وئي کيس ٻارن واري وارڊ ۾ داخل به ڪرايم پر مرحوم بيماريءَ جي دٻ جهلي نه سگهيو ۽ گُذاري وڃڻ وارو هو ته، کيس ڪُهي حلال ڪري گوشت خدا ڪارڻ غريبن کي ڏئي، کل ثبوت طور توهان کي ڏيکارڻ لاءِ کڻي آيو آهيان. باقي مينهن اوهان جي امانت آهي، خدا ڪندو جلدي ڦرجي ويندي، ڍُڪي ٿيندي، ڦر ڄڻيندي ته اهو ڦر اوهان جو ٿيندو.” رئيس منهنجي ليکن تي لڳي اعتبار ڪري ويو. پاڏي جي پيسن مان آئون گهر جو جام سيڌو سامان وٺي آيس ته گهر ۾ پيار، محبت، شانتي ۽ امن امان قائم ٿي ويو. ٻئي ڏينهن وري بجلي گُم ٿي وئي. آئون کٽ ڪڍي گيدوڙي هيٺان رکي وڃي ويٺس.

هيٺ ڏٺم ته جام ماڪوڙيون پئي هليون، اوچتو هڪ دئونس ماڪوڙو اچي پهتو، جيڪو پنهنجو ڍونگهو مٿي ڪري لئي سان پئي هليو. ماڪوڙين پاڻ ۾ صلاح ڪئي ۽ واري واري سان ماڪوڙي کي ڏنگ هڻي ڀڄي ٿي ويون، اٺن ڏهن ڏنگن کانپوءِ ماڪوڙي جو اڀو ٿيل ڍونگهو هيٺ ڪري پيو، اٺ ڏهه ٻيا ڏنگ لڳس ته هلڻ کان هلاڪ ٿي ويو، پوءِ ته مٿس پنجاهه سٺ ماڪوڙيون چڙهي ويون، کيس ماري سندس لاش گهلي وڃي پنهنجي ڏر ۾ هنيائون. آئون سوچڻ لڳس، ڪاش! سنڌ جي غريب ماڻهن، هارين، مزدورن ۾ به ماڪوڙين واري شاندار ٻَڌي هُجي ته، اهي به سندن حق کائيندڙن، وطن جا وسيلا کائيندڙن ۽ ڪرپشن ڪندڙ وڏيرن، ڀوتارن، سردارن، اميرن، وزيرن ۽ ڪامورن کي هر ڪو ماڪوڙين وارا چڪ هڻي ڪيرائي مارائي، گهلي وڃي قبرن ۾ پورين ته اسان جي ڌرتي وري خوشحال ٿي پوي، عوام کي پنهنجا حق ملن، سنڌي ماڻهو پنهنجن وسيلن جا پاڻ مالڪ ٿين، ڌارين کي ڌڪي تڙي ڪڍي ڇڏجي، روزگار جا بيشمار موقعا پيدا ڪجن، مهانگائي ختم ڪري امن امان قائم ڪري سنڌ کي اهڙو خوشحال بڻائي وجهن، جنهن لاءِ شاهه سائينءَ هي حسرت ڀريو بيت چيو هو:

اندر تازي ٻاهر ڪُنڍيون پکا پٽ سُونهن،

سُرهي سيج پاسي پرين مَر پيا مينهن وسن،

اسان ۽ پرين، شال هون برابر ڏينهڙا (شاهه)