آر بي او ڊي رٿا جي رفتار

0
129
تربيلا منگلا ڊيمن جو ڀرجڻ ۽ لٽجڻ

البرٽ آئنسٽائن دنيا جو هڪ وڏو سائنسدان ٿي گذريو آهي، جنهن جي ٿيوري تي عمل ڪرڻ سان آمريڪا وارن ايٽم بم ٺاهيو ۽ انهيءَ جي استعمال سان اولهه واري عالمي جنگ کٽي. آئنسٽائن پنهنجي اضافت واري ٿيوري (Theory of Relativity)  جي ڪري تمام گهڻو مشهور ٿيو جنهن موجب دنيا جي ٻين شين وانگر وقت (Time) به هڪ مقرر شيءَ ناهي بلڪه هڪ اضافي شيءَ آهي يعني انهيءَ ۾ به تبديلي اچي ٿي ۽ جيڪڏهن مادو (Matter) روشني جي رفتار سان چري ٿو ته وقت جي اهميت ختم ٿي وڃي ٿي يعني وقت بيهي وڃي ٿو ۽ تمام گهڻي توانائي (Energy) پيدا ٿئي ٿي. جيڪا ان جي مشهور فارمولا  E=m.c2

مان ظاهر آهي.

جڏهن ڪو شخص مشهور ٿئي ٿو ته سوسائٽي جا مختلف طبقا ۽ ماڻهو انهيءَ سان ملڻ ۽ ان کي ٻڌڻ چاهن ٿا. چاهي انهن جو انهيءَ فيلڊ سان واسطو هجي يا نه هجي انهيءَ زماني ۾ واپارين جي هڪ تنظيم آئنسٽائن کي پنهنجي هڪ تقريب ۾ تقرير ڪرڻ جي دعوت ڏني. هاڻي ڇا واپاري ۽ ڇا اضافت واري ٿيوري؟ اها اهڙي ته مٿين سطح واري حسابداني (statistics) تي ٻڌل هئي جو چڱن ڀلن حسابدانن کي به سمجهه ۾ نٿي آئي. واپارين کي اها اضافت واري ٿيوري ڇا سمجهائي ها؟ پر وڏن ماڻهن جي وڏائي اها آهي ته هو عام ماڻهن جي سطح تي ڳالهائين ٿا سو آئنسٽائن پنهنجي اضافت واري ٿيوري واپارين کي هيٺين ريت سمجهائي.

“دنيا ۾ ٻين شين جهڙوڪ رفتار، مفاصلي وانگر وقت (Time) به اضافي حيثيت رکي ٿو. يعني اهو به هر وقت ساڳيو نٿو رهي، مثال طور جيڪڏهن اوهان پنهنجي محبوب سان ويٺا هجو ته ڏينهن گذري ويندا پر جيڪڏهن آڱر باهه تي رکيل هجي ته هڪ پل به سالن وانگر گذري ٿو. معنيٰ تڪليف وارو وقت (time) تمام ڊگهو ٿي وڃي ٿو.“

تڪليف واري وقت جي ڊگهي ٿيڻ تي مونکي منڇر ڍنڍ وارا ياد اچي ويا. جيڪي واپڊا جي غير جٽادار منصوبي يعني آر بي او ڊي II جي لوڻياٺي پاڻي ۾ ڇوڙ ڪرڻ سبب ڪيترن سالن کان تڪليف ۾ آهن.

آر بي او ڊي II آهي ڇا؟

واپڊا وارن آر بي او ڊي جو ڇوڙ منڇر ڍنڍ ۾ ڪرائڻ جو سوچيو به، جنهن ڪري ان جو پاڻي خراب ٿي ويو. ان جي سطح سمنڊ واري پاڻي جي سطح کان 3500 ٿي وئي. جيڪا پيئڻ جي پاڻي ۽ زرعي استعمال جي پاڻي کان تمام گهڻي هئي. جنهن ڪري منڇر جو پاڻي خراب ٿي ويو. انهيءَ کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ واپڊا وارن هڪ لنڪ ٺاهيو ته انهيءَ جو پاڻي درياءَ ۾ وجهجي، پر سال2004ع ۾ درياهه ۾ وجهڻ ڪري حيدرآباد ۾ ڪيترائي ماڻهو مري ويا جو هنن اهو زهريلو پاڻي پيتو. تنهن کانپوءِ اها سوچ ٿي ته آر بي او ڊي جو پاڻي منڇر ۾ وجهڻ بدران سمنڊ ۾ وڌو وڃي. انهيءَ ۾ فوج وارن آبپاشي عملي جي مدد ڪئي ۽ ڪراچي ويجهو گهارو ڪريڪ ۾ وجهڻ جو سوچيو. انهيءَ نموني هڪ منصوبو جوڙيو جنهن جو نالو RBOD-II  رکيو ويو. هي هڪ 273 ڪلو ميٽر ڊگهو منصوبو هو جنهن جو ڇوڙ گهارو ڪريڪ ويجهو سمنڊ ۾ وجهڻو هو. انهيءَ ۾ ڪيتريون زمينون ۽ اسٽرڪچر اچي ويا ٿي. زمينن لاءِ مناسب معاوضو ڏنو ويو ۽ اسٽرڪچر اڃا ٺهن ٿا.

آر بي او ڊي II جي رفتار:

اهو منصوبو 14 بلين روپين جو ٺاهيو ويو پر پئسا گهٽ ملڻ سبب انهيءَ تي ڪم گهٽ ٿيو. اڃا ڪراچي، حيدرآباد سپر هاءِ وي تي ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن تي ۽ آئوٽ اسٽرڪچر تي ڪم شروع نه ٿيو آهي تنهن ڪري ان جي ڪم جي رفتار گهٽ آهي. وري انهيءَ منصوبي جي قيمت وڌي 29 ارب رپيا ٿي وئي. هاڻي ان جي قيمت اٽڪل 64 ارب رپيا آهي.

پلان تي عمل:

هڪڙي ڳوٺاڻي کي ٻه ڌيئر هيون. هڪڙي ڪنڀر کي ڏنل هئي ۽ ٻي هڪڙي هاري کي جيڪي جدا ڳوٺن ۾ رهندا هئا. هڪڙو دفعو ڳوٺاڻو ٻنهي سان ملڻ ويو. جڏهن پهرين سان ملي موڪليائين ته هُن چيو “بابا دعا ڪر ته مينهن نه پوي جو کورو چڙهيل آهي. جيڪڏهن مينهن پيو ته سڀ ٿانءَ خراب ٿي ويندا ۽ روزگار ختم ٿي ويندو.” جڏهن ٻي سان ملڻ کانپوءِ موڪليائين ته هُن چيو “دعا ڪر ته مينهن پون ۽ فصل تيار آهن ۽ جيڪڏهن مينهن نه پيو ته فصل پچي نه سگهندا ۽ اسان جو گذر سفر نه ٿي سگهندو.” سادو ڳوٺاڻو پريشان ٿي ويو ته ڇا دعا ڪري! جيڪڏهن مينهن نه پوڻ جي دعا ٿو ڪري ته کوري واري جو روزگار ختم ٿي ويندو، پنهنجي لاچارگي ۽ بيوسي تي رب کي عرض ڪيائين ته “موليٰ! مونکي خبر نٿي پوي ته ڇا دعا گهران؟ تون قادر آهين ڪو حيلو ڪر ته ٻنهي جو ڪم ٿئي.” ڳوٺاڻو سادو ۽ سچار هو، رب کي اُن جي عاجزي وڻي. عرض قبول پيو، جنهن ڳوٺ ۾ ڪنڀر کي ڇوڪري ڏنل هئي اتي مينهن نه پيو ۽ جتي هاري کي ڇوڪري ڏنل هئي اتي مينهن پيو. ٻنهي جو بچاءُ ٿيو ۽ روزگار به رهيو.

مٿين صورتحال کي چئبو آهي Conflicting Demand يعني متضاد گهرجن وارو معاملو، ڪجهه اهڙي ئي صورتحال هلندڙ منصوبي آر بي او ڊي II جي آهي. برسات ڪري مسلسل مين نارا ويلي ڊرين مان انيدڙ لوڻياٺي پاڻي ڪري منڇر ڍنڍ جي ليول وڌي وئي آهي جيڪا خطرناڪ آهي جنهن ڪري بند ٽٽي سگهي ٿو. پسگردائي وارا ماڻهو جيڪي بند ٽٽڻ سبب ٻڏي سگهن ٿا ته اها سطح منڇر مان اڙل منڇر هلائي گهٽائي وڃي. ٻئي پاسي جي اهو نه ڪيو ويو ته لوڻياٺي ليول تيزي سان وڌي وڃي ٿي ته اهو پاڻي پيئڻ لائق نٿو رهي. اهو پاڻي پيئڻ وارن جي حياتيءَ کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿو.

الله ڪري آر بي او ڊي II وارو منصوبو جلد مڪمل ٿئي. آمين!