رائچندراٺوڙجون علمي ادبي خدمتون

0
170
ڪارونجھر-جا-ڪولھي-راسوڙا-۽-روپلو-ڪولھي

سنڌي ادب ۾“تاريخ” جي حوالي سان  تمام گھڻا شاھڪار  ڪتاب موجود آهن جيڪي وڏي اھميت جا حامل آهن. ادب  جي دنيا  “تاريخ ” تي لکڻ ھڪ اھڙو موضوع آهي جيڪو تمام گهڻو محنت جو گھر جائو آهي . جڏهن ٿرجي تاريخ جوتذڪرو ڪجي ٿو تڏهن اھا ڳالهه ضرور سامهون اچي ٿي ته  ٿر جي“پيرائتي تاريخ” لکڻ لاءِ جن  تاريخ نويسن (منصفن) قلم کنيو، انهن ۾ رائچند راٺوڙ جو نالو اول اچي ٿو.ٿر جي هُن محنتي محقق تاريخ نويس ، “ٿر جي تاريخ” تي هڪ انمول ڪتاب “تاريخ ريگستان” ڏنو.جيڪو سنڌي ادب ۾تاريخ ۽ تحقيق جي حوالي سان هڪ شاهڪار ڪتاب ليکيو وڃي ٿو.8 نومبر 1912۾ چيلھار شھر ۾ جنم وٺندڙ  تاريخ نويس رائچند راٺوڙ جو ڪيل تحقيقي ڪم“ انسائيڪلو پيڊيا نما ڪم” جي زمري ۾ اچي ٿو. ٿر جي پيرائتي تاريخ کي رائچند راٺوڙ انھي دور۾ قلمبند ڪيو ھو جنهن دور ۾ ٿر ۾ نه روڊ رستا ھئا نه ڪي بنيادي سھولتون ھيون پوءِ به ھن مورخ((تاريخ نويس) محنت ڪري سنڌي ادب کي ھڪ شاھڪار  تاريخي ڪتاب تاريخ ريگستان ڏنو.

رائچند راٺوڙ  تاريخ ريگستان کي ٻن جلدن ۾ سهيڙي ٿر جي مستند تاريخ کي نروار ڪيو آهي، ۽ اُهو ڪتاب پڙهندڙن کي ٿر بابت مفيد معلومات فراهم ڪري ٿو. رائچند راٺوڙ پيشي جي لحاظ کان هڪ پرائمري اُستاد ھو نوڪري واري عرصي دوران رائچند راٺوڙ سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۽ شھرن ۾ پڻ رھيو انھي عرصي دوران رائچند راٺوڙ ٿر جي تاريخ کي سهيڙڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو ھو.ٿر ۾ سهولتن جي اڻ هوند جي باوجود رائچند راٺوڙ پيرين پيادل ۽ اُٺن تي سفر ڪري ٿر جي مقامي اُستادن جي سهڪار سان ٿر جي تاريخ بابت مفيد معلومات گڏ ڪرڻ شروع ڪئي. ايئن هو مسلسل 15 سالن جي جدوجهد ۽ محنت کانپوءِ هو ٿر جي پيرائتي تاريخ کي سهيڙڻ۾ ڪامياب ويو. انهي دوارن هن کي ڪيتريون ئي ڏکيايون پڻ سامهون آيون ۽ انهن ڏکيائين جو ذڪر سندس ڪتاب ۾ پڻ ڪري ٿو ۽ هڪ هنڌ لکي ٿو ته؛

”ڪجهه وقت اڳ مون خيال ڪيو ته ٿر بابت تاريخي حقيقتون گڏڪريان ۽ اُنهي ڏس۾ ڪوشش ڪيم پر ٿرجو ملڪ، پرائمري ماستر، ٻهراڙين جا اسڪول، اڻ پڙهيلن سان واسطو، لائبررين جي سهولت ته پري جي ڳالهه پر اخبار به ميسر نه هئي.علم، دوست صاحبن جي ملاقات کان محروم، نڪو مددگار يا صلاح ڏيڻ وارو رهندو همت شڪني۽ ٽوڪبازي، ڪنهن سان کڻي ڳالهه ڪر ته سڀ چون تنهنجو مغز خراب ٿيو آهي. ٻيا عالم آهن ئي ڪو نه، جو تون هليو آهين تاريخ لکڻ، وقتي طور تي دل مايوس ٿيو وڃي پر اندر ۾ پڪو ارادو ڪيو هو سو اڳتي وڌندو رهيس، ڪوشش ڪري هِتان، هُتان ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا هٿ ڪري مطالعو ڪيم ۽ مليل مواد قلم بند ڪندو رهيس“.

 اھڙي ريت ٿر جي تاريخ کي سهيڙڻ ۾رائچند راٺوڙ ڪشالا ڪڍي جيڪا محنت ڪئي ۽ قلمي پورھيو ڪيو  اهو انھي دور ۾ هڪ وڏو  ڪارنامو ھو ھن دور ۾  اسان جا دوست سھولتن جي باوجود ھن قسم جو ڪم ڪرڻ کان قاصر بڻيل آهن. ٿر جي تاريخ لوڪ ادب ۽ ثقافت تي تحقيقي ڪم ڪندڙ رائچند راٺوڙ کي انهي وقت ٿر ۾ ڪم ڪندڙ تعليمي  ماهر ۽ فرسٽ اسٽنٽ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپڪٽر محمد اسماعيل عرساڻي، تاريخ ريگستان کي سهيڙڻ لاءِ تمام گهڻو اتساهيو هو ۽ هن جي مدد پڻ ڪئي هئي ۽ انهي  جو ذڪر مصنف پاڻ ڪتاب ۾ پڻ ڪيو آهي. رائچند راٺوڙ جي لکيل ڪتاب تاريخ ريگستان جو پهريون ڀاڱو 1956ع ڌاري ڇپجي منظر عام تي آيو. جڏهن ته ٻيو ڀاڱو 1975ع ۾ ڇپجي منظر عام تي آيو. تاريخ ريگستان هڪ اهڙي علمي ۽ تهذيبي موضوع تي شاهڪار“ تصنيف” آهي، جنهن مان اسان ٿرجي لوڪ ادب ثقافت  ۽ تاريخي قصن جي معلومات هٿ ڪري سگهون ٿا.

تاريخ ريگستان جو پهريون ڀاڱو ٿر جي طبعي ڀاڱن، معاشرتي حالتن، ٿر ۾ مختلف بادشاهن (جهڙوڪ: راجپوتن، سوڍن، سومرن،ڪلهوڙن، ٽالپر، انگريزن) جي مختلف دورن جي قصن تي مشتمل آهي. رائچند راٺوڙ پهرين ڀاڱن ۾ ٿر جي تعارف، پکيڙ، ايراضي آبادي، ٿر جي مختلف ڀٽن، ڏهرن،هندن جي تيرٿ آستانن، تاريخي ماڳن، تراين، ندين متعلق انتهائي مفيد معلومات قلم بند ڪئي آهي. جڏهن ته پهرين ڀاڱي ۾ هن ٿر تي بادشاهي ڪندڙ حاڪمن جي پيڙهين ۽ شجرن تي پڻ تفصيل سان لکيو آهي، تاريخ ريگستان جي ٻي ڀاڱي ۾ٿر جي سماجي حالتن،رسمن، رواجن، جانورن، پکين، جهنگلي جيوت، زرعي سرشتن، ٿر جي ميلن ملاکڙن علائقائي شخصيتن، ٻولين، قبيلن، رومانوي ۽ لوڪ داستانن ۽تاريخي واقعن جي مختلف پهلوئن کي نروار ڪيو ويو آهي.اهڙي ريت رائچند راٺوڙ تاريخ ريگستان ۾ٿر جي مڙني موضوعن تي تفصيل سان لکي، ٿر جي تاريخ ۽ اهميت کي نروار ڪيو آهي. حقيقت ۾ رائچند راٺوڙ جو ڪيل تحقيقي ڪم پي ايڇ ڊي جي ٿيسز کان گهٽ ناهي. انهي حوالي سان ٿر جي مهان ڪوي شيخ اياز چيو هو ته؛

”ٿر جي پيرائتي تاريخ پڙهڻي هجي ته رائچند جو ڪتاب تاريخ ريگستان پڙهيو وڃي، جو ٽاڊ جي “راجستان” وانگر آهي. جڏهن مان سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هئس تڏهن جيڪڏهن ڪوئي به مون کي ياد ڏياري ها ان ڏس ۾ تحرڪ وٺي مان سئنڊيڪيٽ کي آماده ڪيان ها ته رائچند جي ان ڪتاب تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني وڃي ها. ٿر جهڙي  علائقي ۾ جتي سهولتن جي اڻ هوند هجي اُتي هڪ استاد ماڻهو ٿر متعلق نهايت مفيد معلومات گڏ ڪري، هڪ تحقيقي تصنيف مرتب ڪري ته منهنجي خيال ۾هي هڪ وڏو قلمي پورهيو آهي. تاريخ ريگستان ٿر جي جاگرافي، سماجيات ۽ ثقافت جي هڪ تصوير آهي ۽ ٿر جو اصل چهرو تاريخ ريگستان ۾ ئي ڏسي سگهجي ٿو. منهنجي خيال ۾تاريخ ريگستان ٿر جو مڪمل انسائيڪلو پيڊيا آهي. ۽ اهڙي شاهڪار ڪتاب لکڻ تي رائچندکي انهي وقت پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملڻ گهرجي ها. ٿر جي هن محنتي محقق ۽ تاريخ دان 31 مئي 1968ع ۾وفات ڪئي. 1996ع ۾انهي وقت جي ڪمشنر ميرپورخاص گل محمد عمراڻي جي ڪوشش سان چيلهار ۾ رائچند راٺوڙ جي نالي سان ادبي لائبرري جو قيام عمل ۾ آندوويو.2008 ع ۾ پيپلز پارٽي جي اڳئين حڪومت ۾ تعليم کاتي سنڌ طرفان چيلهار جي گورنمنيٽ هاءِ اسڪول کي رائچند راٺوڙ جي نالي منسوب ڪيو ويو  اهڙي ريت هن عظيم تاريخ دان جي شخصيت کي مڃتا ڏني وئي.

ٿر جي تاريخ تي لکيل رائچند راٺوڙ جو ڪتاب هڪ اهم تاريخي دستاويز آهي ۽ سنڌي ادب ۾ مستند ڪتاب جي حيثيت رکي ٿو. پر گذريل 60 سالن جي عرصي ۾ ٿر جي تاريخ جي موضوع تي ڪنهن به مصنف جو ڪو اهڙو تحقيقي ڪتاب منظر عام تي ناهي آيو. البته 1992ع ۾ انهي وقت جي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ٿر سيمينار ۾ پڙهيل مقالن تي مشتمل هڪ ڪتاب “ٿر” ترتيب ڏنو هو. جيڪو انهي وقت شايع ٿيو هو. پر 60 سالن جي عرصي ۾ٿر ۾ گھڻوڪجهه بدلجي چڪو آهي. ٿر جي لوڪ ڏاهپ، ادب، ثقافت ۽ تاريخ جا ڪيئي رهجي ويل قصا اڄ به تحقيق جا منتظر آهن. چوڻ جو مطلب ته ٿر جي تاريخ جي مختلف پهلوئن تي ڪم ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي،  خود رائچند راٺوڙ به پنهنجي ڪتاب ۾انهي ڳالهه جو اعتراف به ڪيو آهي ته “اڃان ٿر جي تاريخ جون ڪي حقيقتون هونديون، جي هن ناچيز کي هٿ نه آيون آهن، البته جيڪي هٿ آيون آهن سي آئينده تاريخ نويسن لاءِ بنياد جو ڪم ضرور ڏينديون” سو رائچند راٺوڙ جي ڪتاب تاريخ ريگستان کي بنياد بڻائي ٿر جي تاريخ جا رهجي ويل پاسا ۽ قصا قلم بند ڪري سگهجن ٿا. انهي لاءِ تاريخ تي ڪم ڪندڙ مصنفن ۽ سنڌ جي علمي ادبي ادارن کي تحرڪ وٺڻ گهرجي.