ملڪي ليبارٽري ۾ ناڪام ٿيل تجربو

0
503
نئين اڏاوت جا نوان بنياد

 ستن ڏهاڪن کان اسٽيبلشمنٽ جي ليبارٽري بڻيل ملڪ ۾ هڪ وڌيڪ ناڪام تجربو پنهنجي انجام ڏانهن وڌي رهيو آهي. حڪومتون ۽ پارٽيون ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ واري مشق مان هر ڀيري هڪ نئون بحران ڪر کڻندو آهي. هر ڀيري پراڻي تصوير ڊاهي نئين تصوير ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ۽ اهو تجريدي (دراصل تخريبي) آرٽ هر ڀيري ملڪ ۽ ملڪ جي واڳ ڌڻين کي کلڻ هاب ڪري نئين تجربي ڏانهن وڌي ويندو آهي.

  2018ع جي اليڪشن ۾ اسٽيبلشمينٽ سمورا حيلا هلائي عمران خان کي ملڪ جي مسيحا جو ماسڪ چاڙهي حڪومت ۾ آندو. سدائين جيان ڪرپشن ختم ڪرڻ   وارو پراڻو نعرو کڻي خان صاحب تبديلي جي نئين ڌن ايجاد ڪري سياسي سرڪس ۾ لهي  پيو موسيقي ۾ مزو پيدا ڪرڻ لاءِ ڪروڙ نوڪريون، اڌ ڪروڙ گھرن جا نغما به پروگرام جو  حصو بنايا ويا. ملڪي اسٽيبلشمنٽ  پنهنجي سموري دانائي داءُ تي لڳائي ملڪ کي هڪ اهڙو انمول هيرو عطا ڪيو جنهن جو قد ڪاٺ جناح صاحب کان احترام طور بس ٻه ٽي سينٽي ميٽر گھٽ رکيو ويو. بنا پروگرام ۽ هوم ورڪ   جي اهڙاتجربا خواري تي ئي ختم ٿيڻا هئا. همراهن جو خيال هو ته خان صاحب مقبول ترين هيرو آهي تنهن ڪري سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ ڏانهن ڊالرن جا ڍڳ موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيندا. عالمي مالياتي ادارا قرض جون ٻوريون  ڀري سندس در تي قطار ۾ بيهي واري جو انتظار ڪندا ۽ ملڪ ۾ آسودگي جواهڙو دور ايندو جو پرڏيهه مان ماڻهو روزگار ڳولڻ پاڪستان ايندا.

اهي سڀ خيال ۽ حوال جيئن ته هوا ۾ ٽنگيل هئا تنهن ڪري انهن جي پٺيان ملڪ جو رڳو وقت ئي وڃائڻو هو. اسٽيبلشمينٽ پنهنجي عقل جي انتها تي ويندي قانون ۽ انصاف جا سمورا ادارا خان صاحب جي آڱرين جي اشاري تي لڳائي ڇڏيا. هن همراهه به ان موقعي کي ملڪ ۽ عوام جي ڀلي وٽان استعمال ڪرڻ بجاءِ ان طاقت کي مخالفن کي چيڀاٽڻ ۾ لڳائي ڇڏيو. هن سمورو وقت مخالفن تي نت نوان ڪيس قائم ڪرڻ کين جيلن ۾ رکڻ مٿن سختين کي يقيني بنائڻ کين گارگند ڪرڻ ۽ غيرضروري صدارتي حڪمناما جاري ڪرڻ  ۾ وڃائي ڇڏيو.

رياستي معاملا هلائڻ هڪ سنجيده ڪاروبار آهي. معيشت هڪ بيرحم حقيقت آهي انهن معاملن کي سکڻن حوالن بجاءِ جامع حڪمت عملي پاليسي ۽ عملي اپائن جي ضرورت هوندي آهي. هر ڇهين مهيني وزير ۽ سيڪريٽري بدلائڻ سان اهڙا ڳوڙها معاملا نبيرڻ سولو ڪم ناهي. چئن سالن ۾ پنجاهه ارب ڊالرن کان وڌيڪ پرڏيهي قرض کڻڻ ۽ ان لاءِ گذريل حڪومتن کي ذميوار قرار ڏيندو رهڻ سان ملڪي معيشت ٺيڪ نه ٿي ڪري سگهجي. خان صاحب کي شايد اهو اندازو نه   هو ته رياستي معاملا سندس خواهش هيٺ ڊگھو عرصو هلائي نه ٿا سگهجن. وٽس نه معيشت بابت ڪا پاليسي يا حڪمت عملي هئي ۽ نه کيس بين القوامي سفارتڪاري وسيلي معاملا هلائڻ جو ڏانءَ هو. اهو ئي سبب آهي جو هن آمريڪا خلاف به ساڳيو ورتاءَ اختيار ڪيو جيڪو هن مخالف پارٽي ۽ اڳواڻن خلاف ڪيو هو. ايستائين ته اهي معاملا گھلجي رهيا هئا پر معاملا تڏهن خراب ٿي ويا جڏهن هن ان اسٽيبلشمينٽ جي ميدان ۾ مداخلت ڪرڻ شروع ڪري ڏني جن سڄي جڳ سان ڦٽائي کيس ملڪ جي اڇي ڪاري جو مالڪ بنايو هو. اسٽيبلشمينٽ پنهنجي معاملن ۾ اهڙي ٽنگ اٽڪائڻ جو حق تي عوام جي ووٽن سان چونڊيل حڪومتن کي به نه ڏنو هو.

جڏهن اسٽيبلشمينٽ کيس پنهنجون حدون ۽ حيثيت ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن معاملا نبيرڻ بجاءِ اهم ادارن اندر هڪ اهڙو ورهاڱو پيدا ڪرڻ جي خطرناڪ راند شروع ڪري ڏني  جيڪا اسٽيبلشمينٽ جي سهپ کان ٻاهر هئي. ويجھي ماضي ۾ اهڙين ڪوششن تي اسٽيبلشمينٽ نواز شريف جھڙي نوازيل ماڻهو کي به ڏينهن جا تارا ڏيکاري چڪي هئي. صورتحال ايتري اڳتي نڪري وئي جو اسٽيبلشمينٽ کي اهي ڌريون قبول ڪرڻيون پئجي ويون جن کي ان هميشه لاءِ سپاسي طور دفن ڪرڻ ٿي چاهيو. مخالف ڌر جي قيادت ان موقعي تي اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجا ڪلها ٿوڻي طور آڇي وڏي غلطي ڪئي جو سندس باقي بچيل سال ڏيڊ اندر نه رڳو عمران خان جو سياسي آئيندو تاريڪ ٿي پڄاڻي تي پهچڻ وارو هو پر خود اسٽيبلشمينٽ به تيستائين وڌيڪ وڏو سمجهوتو ڪرڻ تي مجبور ٿي چڪي هجي ها. مخالف ڌر اٻهرائي ۾ جمهوري /سولين نظام کي سگهارو ڪرڻ تي بارگينگ ڪرڻ بجاءِ عمران خان سان پلئه پاڙڻ جي چڪر ۾ تڪڙي ها ڪري ويٺي.

عمران خان جيئن ته هڪ هٺيلو شخص آهي اسٽيبلشمينٽ جي ناراضگي جي باوجود ان جي اندر هڪ حلقو سندس حمايت ۾ آهي  تنهنڪري هن سياسي مقابلو ڪرڻ بجاءِ سڌي ٽڪراءِ ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو.  کيس ان نظام اندر اڃان ايتري حمايت موجود هئي جو هن کيس هٽائڻ جي صورت ۾ وڌيڪ خطرناڪ ٿيڻ جي کليل ڌمڪي به ڏني. هن وقت جنهن ريت هو اسٽيبلشمينٽ جي قيادت تي چٽن لفظن ۾حملا ڪري ٿو جنهن ريت سندس حامي بنا رک رکاءُ جي  سوشل ميڊيا تي  اهم سربراهن جا نالا کڻي کين هر طرح جا لقب ڏئي رهيا آهن ۽ ان سڄي رويي تي اسٽيبلشمينٽ جھڙي طرح ماٺ آهي ان مان لڳي ٿو ته سندن پنهنجو هائوس ورهايل آهي. اهو اندروني ڏڦيڙ ڪنهن نظرياتي ۽ اصولي بنياد تي نه پر اقتدار تي والار رکڻ لاءِ آهي تنهنڪري  سياسي پارٽين پاران ٻنهي پاسي ڪلها آڇڻ وارو مقابلو عوام ۽ جمهوريت کي سگھارو نه پر ڪمزور ڪندو.

هن سڄي صورتحال ۾ اسٽيبلشمينٽ هڪ حدتائين ڪمزور ضرور ٿي آهي ۽ سندس طاقت جو مرڪز يعني پنجاب صوبو کليل نموني سامهون آيو آهي پر اڃان ان اسٽيبلشمينٽ وٽ ايترو دم ضرور آهي جو سياسي ڌرين کي پنهنجي پسند جي ميدان تي کيڏائي سگھي ٿي. ماضي جي ڀيٽ ۾ اسٽيبلشمينٽ لاءِ اها ڳالهه مختلف آهي ته پنجاب ۾ عوامي سطح تي ان لاءِ مخالف جذبا سگھارا ٿي رهيا آهن. ننڍن صوبن جي ته ان کي پرواهه گھٽ هوندي آهي پر پنجاب کي يڪسر نظرانداز ڪرڻ ممڪن ناهي. نواز شريف ۽ مريم نواز کان پوءِ هاڻِي عمران خان جا حامي به سخت لهجي ۾ اسٽيبلشمينٽ تي لفظي حملا ڪن ٿا. ان سان ٻيو ڪجھه ڀلي نه ٿئي پر ان جي ساک جي ڀرم کي ڌڪ ضرور رسيو آهي ڇو ته ان جي ساک توڙي سگھه جو مرڪز گھڻي ڀاڱي پنجاب ئي آهي. تنهن هوندي به اسٽيبلشمينٽ ان حد تائين ضرور اک کليل رکي آهي ته بدلجندڙ منظر نامي ۾ اقتداري طاقت کي وري به پنجاب جي حد تائين ئي رکيو آهي جڏهن ته ننڍن صوبن کي وري به جونيئر پارٽنر طور ڪلها آڇڻ واري ڪردار تائين ئي محدود رکيو آهي.

ننڍن صوبن جي سياسي قيادت به هاڻي ايتري پتيءَ تي راضي آهي انهن کي پنهنجي جاگيرن ۾ عوام کي غلام رکي کين ساهه کڻڻ جيتري آڪسيجن فراهم ڪرڻ ۽ پنهنجو اقتدار سلامت رکڻ کان اڳتي ڪا خواهش به ناهي. صوبن کي ملندڙ وسيلن جو نالي ماتر حصو سندن ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ کوڙ آهن. نالي ماتر جمهوريت کان وڌيڪ سندن ڪا به نظرياتي خواهش ناهي. ساڳي طرح اسٽيبلشمينٽ لاءِ به هنن حالتن ۾ اهو سودو مهانگو ناهي. في الحال معيشت جي حالت ابتر آهي تنهن ڪري اسٽيبلشمينٽ  ڪو تڪڙو نئون تجربو نه ڪندي. هنن ٽي رانديگر ن کان ميدان ۾ پئجي ويل کڏا کوٻا ڀرائي ان کي سنوت ڪرائيندي ساهي پٽڻ کان پوءِ نون اداڪارن سان ڊرامي جي نئين قسط شروع ڪئي ويندي.