سنڌ جي زراعت کي تباهي کان بچايو !

0
113
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ ۾ پاڻي جو بحران گهٽ ٿيڻ بدران  ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي ۽ حڪمرانن کي انهي معاملي سان ڄڻ دلچسپي ئي ناهي،عوام ۽ آبادگارن کي بيواهو ڇڏيو ويو آهي.عام عوام کي روزگار جا ته وسيلا ته مهيا نه پيا  ڪيا وڃن ۽ کين مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو ويو هي پر هاڻي انهي آخري سهاري کان به محروم ڪرڻ جي ڪُوشش ڪئي پئي وڃي جن سان سندن ٻن ويلن جو بندوبست ٿيندو آهي. سنڌ جي زراعت جنهن نموني ويجهڙ ۾ تابهه ٿي آهي ۽ ٿي رهي آهي انهي جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي ۽ انهي جو سبب پاڻي جي اها کوٽ آهي جنهن تي ڌاڙا به لڳي رهيا آهن ته ان جي غير منصفاڻي ورڇ به ٿي رهي آهي ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي به نه ملي رهيو آهي. اميد ڪئي پئي وئي ته گليشيئر رجڻ ۽ پاڻي چوري جي روڪٿام ڪري سنڌ کي  انهي صورتحال کان بچائي سگهجي پيو پر ابتو سنڌ جي بئراجن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻي جي کوٽ وڌي رهي آهي جنهن ڪري لاڙ وارن علائقن ۾ سارين جي پوکي تي ئي پابندي لڳائي وئي آهي.

 گذريل هفتي کان تربيلا ڊيم بدستور ڊيڊ ليول تي برقرار آھي، چشما به گذريل ٻن ڏينهن کان ڊيڊ ليول تي پهتل آھي، جنهن ڪري ملڪ اندر پاڻي جي کوٽ انتهائي شديد ٿي وئي آهي، جنهن بعد ارسا ٽي رخي فارمولي تحت سنڌ ۽ پنجاب کي پاڻي فراهمي ۾ غيرمعمولي گهٽتائي ڪري ڇڏي آھي، ارسا ترجمان تصديق ڪندي چيو ته سنڌ ۽ پنجاب کي 48 سيڪڙو کوٽ سان پاڻي جي فراهمي شروع ٿي وئي آھي، سنڌ کي هاڻي 85 هزار ڪيوسڪ جي ٿيندڙ فراهمي گهٽ ڪري 65 هزار ڪيوسڪ تي آندي وئي آھي پنجاب کي به 65 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته بلوچستان ۽ ڪي پي  صوبي کي بنا کوٽ جي پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، آبپاشي ماھرن موجب ملڪ جي مٿانھن علائقن ۾ برسات نه پوڻ سبب ايندڙ ڏھاڙن ۾ سنڌ اندر پاڻيءَ جي کوٽ شدت اختيار ڪري سگھي ٿي، جڏھن ته رائيس ڪئنال ھن وقت تائين بند آھي،سنڌ جي آبپاشي کاتي جي عملدار جو چوڻ آھي ته سنڌ جي بئراجن تي پاڻي کوٽ وڌيڪ شديد ٿيڻ جو امڪان آھي.

اهڙي صورتحال ۾ ليفٽ بئنڪ ڪئنالس ايريا واٽر بورڊ جي ميٽنگ ۾ اهو متفق فيصلو ڪيو ويو آهي ته پاڻي جي شديد کوٽ ٿي وئي آهي جنهن ڪري ڦليلي ڪئنال سسٽم ۽ گوني ڪئنال سسٽم مان نڪرندڙ  سڀني برانچن ۾ پاڻي نه اچي سگهندو تنهن ڪري آبادگار سارين جو ٻيجارو يا پوکي نه ڪن. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته گذريل پنجاهه سالن جي تاريخ ڪوٽڙي بئراج وٽ پهريون دفعو  پاڻي جي ايتري شديد کوٽ ٿي آهي اها هدايت حيدرآباد ،ٽنڊومحمد خان ۽ بدين ضلعي جي آبادگارن کي ڪئي وئي آهي.هن وقت جڏهن سنڌ ۾ پاڻي جي بهتري لاءِ اميد ڪئي پئي وڃي ويتر خراب صورتحال سامهون اچي رهي آهي ۽ برساتن جو به ڪو امڪن نظر نه پيو اچي جنهن ڪر نه رڳو زراعت  لاءِ پاڻي ميسر نه هوندو پر ڪيترن علائقن ۾ پيئڻ جي لاءِ به پاڻي نه هوندو جڏهن ته ڪيترن علائقن ۾ پاڻي نه ملڻ ڪري چوپائي مال جي اڃ ۾ مرڻ جون خبرون به اچي رهيون آهن.

اسان سمجهون ٿا ته سنڌ تي اهڙا ڏکيا ڏينهن شايد ئي اڳ ڪڏهن آيا هجن جو هڪ طرف ملڪي معيشت جي خرابي سبب ان تي ناڪاري اثر پوندا هجن ۽ مٿان وري پاڻي جي ايتري شديد کوٽ پيدا ٿئي جو فصل پوکڻ ته پري ماڻهو  چوپائي مال ۽ پنهنجي پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان هجن،ڀلي کڻي قدرتي کوٽ هجي پر پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ۽ چوري جو عنصر به انهي صورتحال ۾ شامل آهي.سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ٽه رخي فارمولي تحت ٿيندڙ ورهاست تي اعتراض ڪري ان کي روڪرائي، جيڪڏهن اها چوري بند نه ٿي ڪرائي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ چئني صوبن کي کوٽ ۾ ڀائيوار ڪرڻ لاءِ ته قدم کڻي جنهن سان سنڌ ۾پاڻي جي  ڪجهه بهتري اچي سگهي ٿي.