حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ قتل ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌايل 2 جوابدارن جي سزا وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي کين بري ڪري ڇڏيو آهي. جوابدار يوسف غوري ۽ محمد عرفان ملڪ کي سيونٿ ايڊيشنل سيشن جج جولاءِ 2014ع ۾ نوجوان جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي. جوابدارن سزا خلاف پنهنجي وڪيل محمد وارث کيبر معرفت عدالت ۾ اپيل داخل ڪئي. جسٽس محمد سليم جيسر تي مشتمل سنگل بئنچ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جوابدارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته مقتول نوجوان نور حڪيم پٺاڻ کي 22 نومبر 2008ع ۾ قتل ڪيو ويو. سندس واقعي جو ڪيس هٽڙي ٿاڻي جي پوليس اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو. بعد ۾ 5 مارچ 2009ع دوران هٽڙي ٿاڻي جي اڳوڻي پوليس عملدارن اي ايس آءِ محمد ڇٽل ۽ غلام نبي ميمڻ بيگناهه ٻن نوجوانن يوسف غوري پٺاڻ ۽ محمد عرفان ملڪ کي گرفتار ڪيو ۽ سندن گرفتاري ڄاڻايل قتل ڪيس ۾ ظاهر ڪري ڇڏي. مقتول جو موت پسٽل جون گوليون لڳڻ سبب ڄاڻايو ويو پر واردات ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار به پوليس پيش نه ڪري سگهي. دليل ٻڌڻ کانپوءِ عدالت جوابدارن کي آيل سزا وارو فيصلو 7 سالن بعد ڪالعدم قرار ڏيندي کين بري ڪري ڇڏيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته هٽڙي ٿاڻي جي حد هالاناڪي واري علائقي ۾ قائم نصر الله مارڪيٽ جي مالڪ حاجي نصر الله پٺاڻ جي پٽ نور حڪيم پٺاڻ کي نومبر 2008ع ۾ قتل ڪيو ويو جنهن جو ڪيس هٽڙي ٿاڻي جي پوليس سندس والد جي فرياد تي داخل ڪيو هو. ڄاڻايل جوابدار مارچ 2009ع کان لاڳيتو 12 سالن کان جيل ۾ هئا.