ننگرپارڪر (ن پ ا ) ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ مامچيرو ۾ 2 ھفتا اڳ شڪارين هٿان ناياب نسل جي ھرڻ کي مارڻ جو ڪيس وائلڊ لائيف کاتي پاران 2 نامعلوم شڪارين سميت 5 ڄڻن تي داخل ڪيو ويو آھي، ڪيس ۾ ڇاڇري تعلقي جي ٻن مختلف ڳوٺن سان تعلق رکندڙ 2 شڪارين عبدالقيوم سنگراسي، رمضان نھڙيو ۽ سنجھوري شھر سان تعلق معشوق مري سميت 2 نامعلوم جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي.