شھدادپور (ن پ ا) شاهپورچاڪر ۾ زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪندڙ مڙس وڌيڪ ھڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو، شاهپورچاڪر جي ڳوٺ ٺوڙڪي پور ۾ جوابدار پاران پنهنجي گهر واري شريمتي لڇمي ڀيل کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار راول ڀيل جي ٽن ڏينهن واري رمانڊ پورو ٿيڻ بعد جوابدار کي ٻيهر سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ شفيق احمد کرل جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي جاچ آفيسر عدالت کي جسماني رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي. جنهن تي عدالت جوابدار جي هڪ ڏينهن جو رمانڊ منظور ڪندي کيس پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.