قبائلي جهيڙن ۽ اغوا انڊسٽري جي پاڙ هڪ ئي آهي

0
316
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ هڪڙن سورن مان جان ڇڏائي مس ٿي ساهه پٽي ته ٻي مصيبت کيس چنبڙي ٿي پئي،ڪنهن وقت ۾ هڪ ئي وقت ٽي چار مصيبتون سنڌ کي بڇيون ويون هيون شهرن ۾ دهشتگردن ماڻهن جو ساهه سڪايو هو ته ٻهراڙي ۾ بدامني ،اغوا جي وارداتن ۽ قبائلي جهيڙن ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو .گهڻي وقت کان انهن مصيبتن کان سنڌ پاڻ کي بچائي رکيو ۽ سخت انتظامي ۽ حڪومتي ڪارروائي سبب شهرن مان دهشتگردي جو خاتمو ٿيو ته ٻهراڙين مان بدامني جي باهه جهڪي ٿي پر ڪجهه وقت کان وٺي سنڌ جون ٻهراڙيون وري قبائلي جهيڙن ،بدامني ۽ اغوا جي وارداتن جي باهه ۾ سڙي رهيون آهن. ڪجهه ضلعا قبائلي جهيڙن جو مرڪز آهن ته ڪجهه ضلعا وري اغوا جي وارداتن ۾ اڳيان اڳيان آهن خاص ڪري انهن ضلعن جا ڪچي وارا علائقا انهن ڏوهاري سرگرمين جو مرڪز بڻيل آهن .ويجهي ماضي کانپوءِ قبائلي جهيڙي ۾ گهڻيون قيمتي جانيون زيان ٿيڻ جي وڏي واردات ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ ٿي، جنهن ۾ 9 قيمتي انساني جانيون هليون ويون ،انهي کانپوءِ انهي جهيڙي ۾ ملوث برادريون مورچابند ٿيل آهن،هوڏانهن اغوا جون وارداتون روز جو معمول بڻيل آهن ڪو ڏينهن خالي ناهي جنهن ڏينهن ڪنهن جي اغوا جي خبر نه پوي،اڳي هٿياربندن کي اغوا جي واردات لاءِ جوکم کڻي رستن يا شهرن ۾ اچڻو پوندو هو پر هاڻي ته ٽيڪنالاجي سندن اهو ڪم به سولو ڪري ڇڏيو آهي جو موبائيل فون تي زناني آواز تي هرکجي ماڻهو پاڻ انهن هٿياربندن وٽ پهچي وڃن ٿا. قبائلي جهيڙن ۽ اغوا جي وارداتن ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار ئي سڀني کان وڌيڪ ڳڻتي ۽ حيراني جو سبب آهن ته جتي اهي جهيڙا يا وارداتون ٿين ٿيون اهي اهڙا علائقا آهن جتي جيڪڏهن پوليس چاهي ته ڪا سئي به وڃي نه ٿي سگهي پر اهڙن علائقن ۾ اهڙا جديد هٿيار پهچي ٿا وڃن جيڪي امن امان لاءِ مقرر ٿيل پوليس کي به مهيا ناهن. راڪيٽ لانچرن کان وٺي اينٽي ايئر ڪرافٽ گنن جي انهن علائقن ۾ موجودگي يا انهن قبائلي جهيڙن وارين برادرين ۽ اغوا جون وارداتون ڪندڙ ڏهارين تائين پهچ اهو سوال ضرور ذهن ۾ پيدا ڪري ٿي ته اهي هٿيار آخر انهن علائقن تائين ڪيئن پهچن ٿا؟ اهي ڪهڙا هٿيارن جا واپاري آهن جن کي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون چوڪيون به پڪڙي يا روڪي نه ٿيون سگهن ،شهرن ۾ ته جيڪڏهن پوليس چاهي ته بنا ڪاغذن جي ڪا گاڏي ٻئي شهر وڃي نه ٿي سگهي ته پوءِ هي هٿيار ۽ بارود جون ڀريل ٽرڪون ۽ گاڏيون ڪيئن اهي گهٽ گهيڙ ڪراس ڪري انهن ڏوهارين تائين پهچي وڃن ٿيون.توڙي جو هٿيارن جو ڪاروبار وڏو منافعي وارو ڪاروبار آهي ۽ انهي ۾ ملوث ماڻهو وڏي پهچ ۽ مالڪي رکندا هوندا پر انهن هٿيارن جي ايڏي سولائي سان دستيابي ته ڪنهن جنگ ورتل ملڪ ۾ به ممڪن ناهي، جيتري سولائي سان اهي هٿيار سنڌ جي ڪچي ۽ ٻهراڙين ۾ ماڻهن کي ملي رهيا آهن.اهي هٿيار ئي آهن جيڪي انهي رتوڇاڻ ۽ بدامني جو بڻياد آهن جيڪڏهن ڪا حڪومت ۽ انتظاميا انهي رتو ڇاڻ ۽ بدامني کي روڪڻ چاهي ٿي ته انهي لاءِ پهرين انهن هٿيارن جي وڪري ۽ دستيابي کي روڪڻو پوندو انهي کانسواءِ اهو ممڪن ئي ناهي ته هٿيارهر هنڌ ۽ سولائي سان موجود هجن ۽ رتوڇاڻ به رڪجي وڃي.
اسان سمجهون ٿا ته اغوا انڊسٽري ۽ قبائلي رتوڇاڻ سنڌ لاءِ اهڙو ناسور بڻيل آهي جن جي پاڙ هڪٻئي سان ڳنڍيل آهي تنهن ڪري سنڌ حڪومت کي فوري طور اکيون کولڻ گهرجن ته آخر اهي ڪير آهن جيڪي اهڙن علائقن تائين اهڙا موتمار ۽ جنگي هٿيار به پهچائي رهيا آهن،پوليس کي پنهنجي انهن ماڻهن تي به نظر رکڻ گهرجي جيڪي هٿيارن جي واپارين جا سهولتڪار بڻجي اکيون ٻوٽي ويٺا آهن يا پنهنجي معاشي لالچ ۾ انساني حياتيون کسجڻ ۽ پنهنجي فرض جي به پرواهه نه ٿا ڪن.جيڪڏهن انهن قبائلي جهيڙن ۽ اغوا جي انڊسٽري کي اتي ئي ٻنجو نه ڏنو ويو ته اها باهه ڪجهه ضلعن کان ڀڙڪندي سڄي سنڌ جي امن امان کي ڀسم ڪري ڇڏيندي جيئن ڪجهه وقت اڳ تائين شهر دهشتگردن جي رحم ڪرم تي هئا.