وزيراعظم جا اعلان،مخالف ڌر جو خوف يا عوام جو درد ؟

پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جڏهن کان وجود ۾ آئي آهي، تڏهن کان ان جو سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت سان رابطو يا وري چئجي ته هم آهنگي اهڙي ناهي رهي جيڪا خيبر پختونخوا، پنجاب ۽ بلوچستان جي حڪومتن سان رهي آهي. وفاق پاران هميشه سنڌ سان اها گلا ڪندو رهيو آهي ته سنڌ حڪومت پنهنجي انا سبب سنڌ جي عوام کي وفاقي عوامي پاليسين کان ڏور رکيو آهي، ان جي تازو مثال رٿا بندي واري وفاقي وزير اسد عمر جو صحت ڪارڊ جي حوالي سان ڏنل بيان آهي، جنهن ۾ هن واضع لفظن ۾ چيو هو ته وفاق سنڌ ۾ باقي ٽن صوبن جيان عوام لاءِ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو آهي پر سنڌ حڪومت ان حوالي سان رڪاوٽون پيدا ڪري سنڌ جي عوام کي ان سهولت کان محروم رکڻ چاهي ٿي. وفاقي ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومتن وچ ۾ اها بيان بازي هلندي اچي ٿي بظاھر ان جو انت ٿيندي نظر نٿو اچي. پيپلز پارٽي اسد عمر ۽ ٻين وفاقي وزيرن جي اهڙن بيانن جو اهڙي ريت جائزو وٺندي آھي ته وفاق صوبي جي عوام کي صحت ڪارڊ جاري نه ڪري صرف نيشنل فنانس ڪميشن تحت سنڌ جي ورڇ جوڳي پول ۾ جيڪو حصو ۽ سالياني ترقياتي بجيٽ منظور ڪئي ويندي آهي ان کي جاري ڪري ته سنڌ جي عوام جو صحت ۽ انفرااسٽرڪچر جو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو. صحت ڪارڊ ۾ وفاقي حڪومت سياست ڪرڻ چاهي ٿي جنهن جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. سنڌ جي صوبائي حڪومت جو اهو به موقف آهي ته ارڙهين ترميم کانپوءِ جيڪي چار اسپتالون سنڌ حوالي ڪيون ويون انهن کي سامھون رکي جائزو وٺجي ته صرف اين آئي سي وي ڊي نه صرف سنڌ جي عوام پر سڄي ملڪ جي شهرين جي بغير ڪنهن امتياز جي علاج ڪري رهي آهي. صوبي ۾ بهترين علاج جون سهولتون موجود آهن پر وفاق آهي جو ان جي اهڙي موقف تي غلط قرار ڏئي ٿو، وفاق چوي ٿو ته ڪراچي ۾ جديد بنيادن تي بس سروس شروع ڪرڻ چاهي ته سنڌ حڪومت رڪاوٽ بڻجي وئي، سنڌ حڪومت مرڪزيت واري اصول کان هٽي ڪري پنهنجي من مرضي ڪري سنڌ جي پيسيل عوام کي وڌيڪ پيڙهي رهي آهي. اهي ته ڪجھه اهڙا مثال آهن جيڪي ٻنهي حڪومتن وچ ۾ رابطن کي بهتر ڪرڻ بجاءِ انهن ۾ ڏار پيدا ڪري رهيا آهن.
پي ٽي آئي جي وفاقي حڪومت جا وزير سنڌ جي اهڙي رويي تي بيان جاري ڪرڻ کان ڪڏهن به پوئتي ناهن رهندا. سنڌ حڪومت جو ڪو به اهڙو فيصلو هجي جيڪو عوام جي ڀلائي لاءِ ھجي ان تي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ سميت اليڪٽرانڪ ميڊيا تي بيان بازي شروع ڪئي ويندي آهي ٻئي طرف وري سنڌ حڪومت جا وزير به پريس ڪانفرنس ڪري وفاق جي موقف کي غلط ثابت ڪندا آهن.
منهجي نظر ۾ وفاقي حڪومت هجي يا صوبائي حڪومت انهن ان سنجيدگي سان سنڌ ۾ بحريا ٽائون پاران سنڌ جي ماڳن تي قبضو ڪرڻ واري مامري تي ڪو به قدم ناهي کنيو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪري ذميواري پوري ڪندي ايڪشن کڻڻ جو حڪم ڏنو پر ان تي عملي طور ڪو به ايڪشن نه کنيو ويو آهي. سنڌ جي زمينن تي هن وقت به بحريا ٽائون جي انتظاميا پوليس جي مدد سان قبضو ڪري رهي آهي، اھڙي طرح وفاق پاران ملڪ رياض جي بحريا ٽائون خلاف سوائي اسد عمر جي هڪ ٽوئيٽ کان علاوه ڪنهن به رد عمل ناهي ڏنو، جڏهن ته ٻه هفتا اڳ سنڌ ۾ گريند ڊيموڪريٽڪ الائنس جي صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جي وفد سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ذوالفقار مرزا ۽ وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا جي فرزند جي سربراهي ۾ اسد عمر سان ملاقات ڪري کيس بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض جي زمينن تي قبضي خلاف لکت ۾ دانهن ڪئي. جنهن تي اسد عمر ايڪشن صرف ايترو ورتو جو ان دانهن کي وزير اعظم عمران خان تائين پهچايو افسوس جو ان تي عمل به ڪو نه ٿيو آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ بحريا ٽائون ڪراچي وارو مامرو 18 آگسٽ 2104ع کان شروع ٿيو جڏهن هڪ درخواست گذار محمود اختر نقوي درخواست داخل ڪئي جنهن کي عدالت پاران k- 37جو نمبر الاٽ ڪيو، ان درخواست تي پهرين ٻڌڻي سپريم ڪورٽ جي ڪراچي رجسٽري ۾ اڳوڻي جج جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ بينچ ڪئي، وقت گذرندو رهيو ٻڌڻين دوران نيون درخواستون به داخل ٿينديون رهيون ۽ چئن سالن کانپوءِ 4مئي 2018ع تي جسٽس اعجاز افضل خان فيصلو ڏني ته ملير ترقياتي اٿارٽي جي چوڻ تي سنڌ بورڊ آف روينيو جيڪا 16000 ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي آهي اهو عمل غير قانوني آهي، ان کان پوءِ بحريا ٽائون جي مالڪ پاران سينيئر وڪيل علي ظفر ۽ ٻين ذريعي درخواست ڏني ته هو ان فيصلي کي سامھون رکندي مارڪيٽ اگهه مطابق رقم ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي،
ان درخواست تي جسٽس عظمت سعيد شيخ جي سربراهي ۾ عمل در آمد بينچ جوڙي وئي جنهن بحريا ٽائون کي 460 ارب روپيا ست سالن جي قسطن ۾ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان دوران بحريا ٽائون جي انتظاميا هڪ نقشو پيش ڪيو جنهن ۾ پوري 16000 ايڪڙ زمين ڏيکاري وئي، پر درخواست گذار محمود اختر نقوي عدالت۾ دستاويز جمع ڪرايا جنهن ۾ ڏيکاريو ويو ته ڪراچيءَ وارو بحريا ٽائون 16000 ايڪڙن تي نه پر 37777ايڪڙن تي ٻڌل آهي، ان ۾ بحريا ٽائون وارن هڪ کان 58 تائين ڪريسنٽ بلاڪ جوڙيا آهن، درخواست گذار جي اها معلومات اهم هئي جنهن کي شايد عدالت جي عمل در آمد بينچ سامهون رکندي زمين جو سروي به ڪرايو هو ۽ ان معلومات کي سامھون رکندي بحريا ٽائون وارن مجبور ٿي 460 ارب روپيا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. اڍائي سال گذري ويا آهن هن وقت تائين سپريم ڪورٽ ۾ 60 ارب روپيا جمع ڪرايا ويا آهن باقي رقم ان لاءِ جمع ناهي ڪرائي وئي جو بحريا وارن درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪورونا وبا سبب انهن جو ڪاروبار متاثر ٿيو آهي ان ڪري قسط جمع نٿي ڪرائي سگهجي.
بحريا ٽائون ڪراچي واري منصوبي تي سپريم ڪورٽ جا حڪم موجود آهن انهن حڪمن باوجود وڌيڪ زمين تي قبضو ڪيو پيو وڃي هر نئين ڏينهن سوشل ميڊيا تي اهي وڊيو اپ لوڊ ڪيون ويون آهن ته ڪيئن پوليس جي پهري ۾ زمينن تي قبضو ڪري اتي موجود اصلوڪن ماڻهن کي بيدخل ڪيو پيو وڃي، ڪجهه ذريعن جو چوڻ آهي ته بحريا ٽائون هن وقت تائين ڏيڍ لک ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري چڪي آهي انهن کي روڪڻ وارو ڪير به ناهي. انهن زمينن تي بحريا ٽو جو منصوبو رٿيو ويو آهي.
ان سموري صورتحال جو وفاقي حڪومت جائزو وٺي رهي آهي ته وفاقي حڪومت سان صوبائي حڪومت جي سهڪار نه ڪرڻ تي ڇا ڪجي.
ان صورتحال کي سامھون رکي ڪري اسلام آباد جي سياسي ۽ اقتداري ايوانن جو جائزو وٺجي ته مختلف خبرون گردش ڪري رهيون آهن جن ۾ هڪ وڏي خبر اها آهي ته وفاقي حڪومت ملڪ جي طاقتور اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي سنڌ ۾ گورنر راڄ قائم ڪرڻ چاهي ٿي، اعتبار جوڳن ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪري، ان لاءِ پيپلز پارٽي جي رڳ رڳ کان واقفيت رکندڙ ڪنهن شخصيت جي ڳولا به مڪمل ڪئي وئي آهي،
ان سان ملاقاتون به ڪيون ويون آهن، ممڪن آهي ته ايندڙ ڪجهه عرصي ۾ اهڙيون حالتون پيدا ڪري سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪري وفاقي حڪومت پنهنجي لاءِ رستا آسان ڪري، چوڻ وارا چون ٿا ته گورنر راڄ لاءِ ذوالفقار مرزا بھترين شخصيت طور پي ٽي آئي آڏو موجود آهي هو پراڻو پيپلز پارٽي جو اڳواڻ آهي ۽ هو پيپلز پارٽي جي رڳ رڳ کان واقف آهي جيڪو گورنر ٿيڻ کانپوءِ پيپلز پارٽي کي ڏکيو وقت ڏئي سگهي ٿو ۽ پي ٽي آئي جي سنڌ لاءِ عوامي فائدي جي سوچ کي به اڳتي وڌائي ان تي عمل ڪرائي سگهي ٿو.
جيڪڏهن سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪيو وڃي ٿو ته ان وقت به بحريا ٽائون جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ ايترو آسان ناهي، ها باقي ٻين مامرن ۾ وفاقي حڪومت کي فائدو ٿي سگهي ٿو. گورنر راڄ لڳائڻ جون ڳالهيون اقتداري ايوانن واري شهر اسلام آباد ۾ ايئن ناهن شروع ڪيون ويون ان جو ڪو خاص مقصد ضرور هوندو، شايد اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ جو مقصد اهو به هجي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان سنڌ حڪومت کي وفاق جي دٻاءَ هيٺ رکجي پر وفاق کي اهو به ذهن ۾ رکڻو پوندو ته اڳيان پيپلز پارٽي آهي جيڪا ايترو آساني سان وفاقي حڪومت جي اھڙي سياسي چال کي منهن ڏيڻ جي سگهه رکي ٿي.