ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ گمبٽ واسڻ عطيه ڪلهوڙو جي قتل واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو، گھر ۾ هڪ به هٿياربند جي داخل ٿيڻ جي شاهدي نه ملي، مخالف ڌر جي جوابدارن تي ڪيس داخل، پوليس مقتوله جي مڙس کي به حراست ۾ وٺي ڇڏيو، ان ڏس ۾ آچر ۽ سومر جي وچ واري رات جو اورنگي ٽائون جي بلوچ ڳوٺ ۾ مبينه طور هٿياربندن جي حملي ۾ قتل ٿيڻ عطيه ڪلهوڙو جي ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ورتو، مقتوله جي مڙس دلدار ڪلهوڙو طرفان پوليس کي ڏنل بيان ۽ ڪرائيم سين ۾ تضاد سبب پوليس ٻين رخن کان به جاچ شروع ڪري ڇڏي. پوليس موجب مقتوله جي مڙس دلدار ڪلهوڙو بيان ڏنو هو ته سندس گھر ۾ 5 هٿياربندن داخل ٿي فائرنگ ڪري سندس گھرواري عطيه ڪلهوڙو کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب مقتوله جي مڙس دعويٰ ڪئي ته حملي وقت هو واش روم ۾ هو، فائرنگ جي آواز تي ٻاهر نڪتو ته 5 هٿياربند بيٺل هئا، جن مان هن 4 جوابدارن کي سڃاڻي ورتو آهي، هن کين پڪڙڻ جي ڪوشش به ڪئي پر هٿياربند کيس ڌڪو ڏئي فرار ٿي ويا، سندن گمبٽ ۾ هڪ ڌر سان زميني تڪرار هلندڙ آهي، ان ئي ڌر جي جوابدارن حملو ڪري عطيه کي قتل ڪيو آهي. ٻئي طرف ايس ايس پي سهائي عزيز ٽالپر موجب مقتوله جي مڙس جي بيان ۽ ڪرائيم سين ۾ تضاد آهي، ڪرائيم سين جو جائزو وٺڻ سان ڪنهن به جوابدارطرفان گھر ۾ داخل ٿيڻ جون شاهديون نه مليون آهن، اسان مقتوله جي مڙس دلدار ڪلهوڙو کي باقاعده حراست ۾ ورتو آهي. مقتوله جي ڀاءَ مظهر ڪلهوڙو جي فرياد تي قتل جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مخالف ڌر جي جوابدارن حفيظ عباسي، سندس ڀاءَ رفيق عباسي ۽ سندن چاچي نظير عباسي، روشن کي نامزد ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ هڪ ڄڻي کي نامعلوم ڄاڻايو ويو آهي، ناري جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي لاش گمبٽ کڻائي ويا. ٻئي طرف عطيه ڪلهوڙو جي قتل جي الزام هيٺ آيل ڌر جي حفيظ عباسي “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو ته انهي قتل سان سندن ڪو به واسطو ناهي، هنن قتل واري واقعي جي خبر به “پنهنجي اخبار” ۾ پڙهي. هن چيو ته دلدار ڪلهوڙو جي والد ديدار ڪلهوڙو 2011ع ۾ منهنجي والد ڪوڙل عباسي کي قتل ڪيو، انجي ڪيس ۾ هو 11 سالن روپوش آهي، دلدار جو ڀاءَ نسيم ڪلهوڙو ضمانت تي آزاد آهي، جڏهن ته سندس 2 ماسات غلام علي ۽ رمضان سينٽرل جيل سکر ۾آهي، اهي عيد کان 5 ڏينهن اڳ ٺاهه لاءِ اسان وٽ منٿ ميڙ وٺي آيا پر اسان انڪار ڪيو. جنهن بعد اسان تي قتل جو الزام مڙهيو ويو آهي. هن چيو ته عطيه ڪلهوڙو ڪارنهن الزام هيٺ سام طور ديدار وٽ هئي، ديدار عطيه جي شادي پنهنجي پٽ دلدار سان ڪرائي ڇڏي، جنهن تان عطيه جا مائٽ به ديدار وارن تي ڪاوڙيل هئا. هن چيو ته معاملي جي گھڻ رخي جاچ ٿيڻ گھرجي، ٻئي پاسي قتل ٿيل عطيه جي سهري ديدار ڪلهوڙو دعويٰ ڪئي آهي ته مون حفيظ عباسي جي سوٽ سان شادي ڪئي هئي، جنهن تان حفيظ وارا ڪاوڙيل هئا، حفيظ ۽ ٻيا هٿياربند منهنجي گھر واري کي مارڻ آيا هئا پر ان ڏينهن آئون ۽ منهنجي گھر واري نه هئاسين، منهنجو پٽ ۽ ننهن گھر ۾ هئا، هٿياربندن غلطي سان منهنجي ننهن کي منهنجي زال سمجھي قتل ڪيو آهي. هن چيو ته پوليس منهنجي پٽ کي حراست ۾ وٺي زيادتي ڪري رهي آهي، ڇوڪري به اسان جي قتل ٿي آهي ۽ هاڻ وري ڪيس ۾ ڦاسايو پيو وڃي