قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ قومي شاھراھ تي نامعلوم تيز رفتار گاڏي 30 سالا نوجوان کي ٽڪر ھڻي ماري  ڇڏيو، اطلاع تي قاضي احمد پوليس ۽ موٽروي پوليس پھچي نوجوان جو لاش قاضي احمد اسپتال پھچايو، پوليس موجب لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي آهي، جنهن ڪري لاش اسپتال جي مرده خاني ۾ رکيو ويو آهي، پوليس رپورٽ داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.