لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان ڪنگا ٿاڻي جي حد ڳوٺ سچي بخش جاگيراڻي لنڪ روڊ تي موٽرسائيڪل  ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر نتيجي ۾ مدينه ڪالوني واسي نوجوان منصب ڪلهوڙو ٿڏي تي دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ٻه نوجوان جميل بروهي ۽ شيراز بروهي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي علائقي واسين کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو،وارثن ٻڌايو ته نوجوان  گرمي کان بچڻ لاءِ دودائي روڊ تي قائم سوئمنگ پول ۾ وهنجڻ لاءِ گهران نڪتا ته حادثو پيش آيو. هوڏانهن ضروري ڪارروائي بعد نوجوان  جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،  لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.