قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ لاکاٽ پوليس ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ لاکاٽ ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جھيڙي دوران فائرنگ ۾ زخمي ٿيل اعجاز جتوئي ۽ دلدار جتوئي جي معامري جو شوڪت ڪالوني ۾ گل حسن عرف جاڙي خان جتوئي جي سرپئنچي ۾ جرڳو ٿيو، فيصلي دوران ڳالھيون ٻڌڻ بعد جوابدار ڌر جي علي نواز جتوئي واري  ڌر کي ڏوھي قرار ڏنو ويو، جنھن تي 2 ڄڻن کي فائرنگ  ڪري زخمي ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 15 لک رپيا ڏنڊ ۽ تڏو بخشرائڻ جي فتويٰ جاري ڪئي وئي، جنهن بعد ڌرين کي پاڪ ڪتاب  تي ھٿ رکي ڀاڪر پائي کير کنڊ ڪيو ويو.