مٽياري (رپورٽر)  مٽياري ويجھو کيبر وٽ قومي شاھراھ تي ٻن مختلف حادثن ۾ ھڪ نينگر فوت ٿي ويو، جڏھن تہ عورتن ۽ ٻارڙن سوڌو 26 ڄڻا زخمي ٿي پيا .زخمين مان بہ ڪجھ ماڻھن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. پھريون حادثو کيبر وٽ قومي شاھراھ تي رات دير سان پيش آيو جنھن مينگورہ کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي جنھن جي نتيجي ۾ 10 سالا نينگر فوت ٿي ويو، جڏھن تہ عورتن ۽ بارڙن سوڌو 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏھن تہ ٻئي واقعي ۾ ڪار ۽ ڪوچ جي ٽڪر ۾ ڪار ۾ سوار 6 مسافر زخمي ٿي پيا زخمين کي فوري طور کيبر رورل هيلٿ سينٽر مان ابتدائي طبي امداد بعد حيدرآباد نيو ويو جتي ڪجھ ماڻھن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي…