جهڏو (ن پ ا) جهڏو ۾ پورهيت جون 3 نياڻيون ۽ هڪ ڀاءُ هٿن پيرن کان معذور بڻيل، غربت علاج ۾ رڪاوٽ بڻيل، ان ڏس ۾ ڳوٺ ڀائي خان پتافي ۾ چڻا وڪرو ڪندڙ پورهيت هاشم پتافي جون 3 نوجوان نياڻيون 19 ورهين جي  سويرا، 15 ورهين جي سائرا، 11 ورهين جي  مائرا ۽ سندس 18 ورهين جو نوجوان ڀاءُ غفار پتافي ڪيترن ئي سالن کان هٿن پيرن کان معذور بڻجي بيماري جي بستري تي لاچاري واري زندگي گذاري رهيا آهن،ان حوالي سان  پورهيت هاشم پتافي ۽ سندس گهرواري مسمات سمينا ٻڌايو ته 3 نياڻيون ۽ ڀاءُ چار کان پنج سالن جي عمر ۾ هٿ پير سڪي وڃڻ ڪري معذور ٿي ويا آهن، سندن ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته پوليو جي بيماري سبب معذور ٿيا آهن،هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ٻارن جو علاج ڪرايو وڃي.