ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽنڊي باگي ۾ وڇونئن جو ڪاروبار ڪرڻ تان جھيڙي جا 5 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.ان ڏس ۾  ٽنڊوباگو لڳ ٽي ڏينهن اڳ جمالي برادري جي ماڻهن ۽ ڪراچي واسين پاران وڇن جي خريداري تان ٿيل جهيڙي ۾ فائرنگ دوران ڀانڊو جمالي ۽ مهر علي جمالي ۽ هڪ نامعلوم زخمي ٿيا هئا، ٽنڊوباگو پوليس پاران سرڪاري فرياد تي ٽنڊوباگو ٿاڻي تي 15 ڄڻن تي جھيڙي، غير قانوني هٿيار رکڻ، بنا نمبر پليٽ ويگو گاڏي ۽ وڇون جو ڪاروبار ڪرڻ جا پنج ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن. ايف آئي آر نمبر 103/22 ۾ ڪراچي جي رهندڙ اسرار شاه، ندیم باجوا کي روپوش ڄاڻايو ويو آهي. جڏهن ته ناڪا بندي ڪري گرفتار ڪيل ضلعي خيرپور جي شھر ٺري مير واھ جي رھواسين محمد صلاح گوپانگ کان بنا لائسنس پستول، عجب علي گوپانگ کان رائفل، عزيز رحمان بنگش کان ڪلاشنڪوف ۽ هڪ بنا نمبر پليٽ جي ويگو گاڏي هٿ ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ٽنڊوباگو ٿاڻي تي ايف آئي آر نمبر 104/22 ۾ ديدار جمالي، ڀانڊو جمالي ۽ مهر علي سميت ڏهن جوابدارن خلاف وڇن جو ڪاروبار ڪرڻ ۽ جهيڙي ۾ فائرنگ ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته جهيڙي ۾ ڀانڊو جمالي ۽ مهر علي جمالي فائرنگ ۾ زخمي ٿي پيا هئا، جن کي حيدرآباد جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جيڪي ٻي ڏينهن اسپتال مان گم ٿي ويا. ھوڏانھن  ٽنڊوباگو پوليس پاران گرفتار ٿيل جوابدارن کي پھرين ڏينهن وڏي پوليس نفري جي ناڪا بندي دوران گرفتار ڪري ورتو هو پر ميڊيا کان ڳجھو رکيو