قاضي احمد (ن پ ا) عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿي ويل قاضي احمد جي ڳوٺ  ڪاٺڙي واسي حافظ علينواز ڏاهري کي پوليس 20 ڏينهن گذرڻ بعد به بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، جنهن ڪري مغوي جي گھر ۾ ڪھرام متل آھي، مغوي جي والد مٺل ڏاھري جو چوڻ آھي ته راڄوڻي ڪوششن ذريعي مغوي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ميڙ منٿ جو سلسو شروع ڪيو آهي، هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته سندس پٽ جي بازيابي لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن،