ڪراچي: ڪراچي مان پنجاب پهچي پسند  جو پرڻو ڪندڙ شاگردياڻي نمره ڪاظمي کي پڻ جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت پنهنجي مرضي سان زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪرڻ جي اجازت ڏيندي جاچ آفيسر کان ڪيس جو چالان طلب ڪري ورتو، ڪالهه ٻڌڻي دوران پوليس نمره ڪاظمي ۽ سندس مڙس نجيب شاهه رخ کي عدالت ۾ پيش ڪيو،  ان موقعي تي نمره پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته آئون پنهنجي مرضي سان پنجاب جي شهر تونسه شريف وئي هيس، مون کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته منهنجي عمر  18 سال آهي، مون پنهنجي مرضي سان نجيب سان شادي ڪئي آهي. نمره  جي اهڙي بيان بعد عدالت کيس پنهنجي مرضي سان فيصلو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت چيو ته نمره ڪاظمي مائٽن يا مڙس مان جنهن سان وڃڻ چاهي، وڃي سگهي ٿي. ياد رهي ته جوابدار نجيب شاهه رخ عدالتي رمانڊ تي جيل ۾ آهي، سندس خلاف نمره ڪاظمي جي اغوا جو ڪيس سعود آباد ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي نمره ڪاظمي چيو ته مون پنهنجي مرضي سان پرڻو ڪيو آهي، آئون پنهنجي مڙس شاهه رخ سان رهڻ چاهيان ٿي.