فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ جو آسرو، بهتري جي اميد

0
113
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

گهڻي وقت کان معاشي ڏکيائين ۾ ڦاٿل ملڪ لاءِ بهتري جي اميد پيدا ٿي آهي هڪ آسرو ٿيو آهي.پر انهي اميد ۽ آسري کي حقيقت ۾ تبديل ٿيڻ لاءِ اڃا ڪجهه مهينا انتظار ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي غلطين کي سڌارڻو پوندو ۽ انهي لاءِ پنهنجي پنهنجي سياست کي هڪ پاسي رکي ملڪي مفاد ۾ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.پر اهو آسرو ۽ اميد پيدا ٿيڻ شرط انهي جو ڪريڊٽ کڻڻ لاءِ  اسان هڪٻئي تي الزام تراشي جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان نه رڳو هڪ طرف پنهنجي ئي خواري جو سامان پيدا ڪري رهيا آهيون ته ٻئي طرف اهو تاثر قائم ڪري رهيا آهيون ته اسان ملڪي مفاد لاءِ رڳو ڪم ڪرڻ وارو پاڻ کي سمجهون ٿا جڏهن ته جيڪي اسان جا مخالف آهن اهي رڳو اسان جا نه پر ملڪ جا به مخالف ۽ دشمن آهن .جنهن ڪري ئي اسان جي سياست ۾ رڳو غدار غدار ۽ ملڪ مخالف جون ڳالهيون ۽ فتوائون ملنديون پر سياسي مخالف هئڻ باوجود ڪنهن جي ملڪي مفاد لاءِ ڪيل ڪم کي مڃتا ڏيڻ لاءِ تيار نه هوندا آهيون.اهڙو ئي معاملو ان وقت آڏو آيو آهي جڏهن اهو آسرو پيدا ٿيو آهي ته پاڪستان فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ طرف وڃي رهيو آهي.

فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (فيٽف) جو چوڻ آهي ته پاڪستان سمورا شرط مڪمل ڪري ورتا آهن، کيس گري لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ ايڪشن پلان تي عمل جي تصديق لاءِ آڪٽوبر ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو ويندو. فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جو اجلاس جرمني جي شهر برلن ۾ 3 ڏينهن  جاري رهيو آخري ڏينهن تي پاڪستان جي ايڪشن پلان جو جائزو مڪمل ڪيو ويو، فيٽف جي جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان 34 اسمن تي ٻڌل پنهنجي آخري ٻن ايڪشن پلان کي به مڪمل ڪري ورتو آهي، پاڪستان جو دورو ڪري شرط مڪمل ٿيڻ جي تصديق ڪئي ويندي. فيٽف جو چوڻ آهي ته ڪورونا صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد آڪٽوبر ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو ويندو، پاڪستان مني لانڊرنگ، دهشتگردي جي فنانسنگ روڪڻ لاءِ سڌارا مڪمل ڪيا، گڏيل قومن جي فهرست ۾ شامل دهشتگرد گروپن، اڳواڻن جي پراسيڪيوشن تي پاڪستان وڏي اڳڀرائي ڪئي آهي، مني لانڊرنگ جي جاچ ۽ پراسيڪيوشن ۾ به پاڪستان جو مثبت رجحان رهيو،

فيٽف اجلاس جي فيصلن کان آگاهه ڪندي فيٽف جي صدر ڊاڪٽر مارڪوس پليئر اعتراف ڪيو آهي ته پاڪستان سڌارن کي لاڳو ڪيو آهي جيڪي پاڻ ان جي استحڪام ۽ سلامتي لاءِ سٺا آهن. واضح رهي ته پاڪستان کي 28 فيبروري 2008ع تي فيٽف جي گري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو هو ۽ هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي ايشيا پيسفڪ گروپ سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو، جون 2010 ۾ اڳڀرائي تي پاڪستان کي فيٽف جي نگراني واري فهرست مان ڪڍيو ويو هو پر 16 فيبروري 2012 تي پاڪستان کي ٻيهر گري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو هو.جتي هڪ طرف فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ جي اميد تي خوشي وارو بحث جاري هو ته اتي  اهو بحث به شروع ٿي ويو ته گري لسٽ مان نڪرڻ جو اصل ڪردار ،ڪريڊٽ ڪنهن جو آهي جيڪا عجيب ڳالهه آهي ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪا به حڪومت اچي ٿي ته اها ان جي اولين ذميواري آهي ته اها ملڪي مفادن جو نه رڳو خيال ڪري پر ان جي بچاءُ لاءِ وڙهي به، جيڪڏهن ڪنهن پنهنجي حڪومت دوران اهڙيون ڪوششون ڪيون ته اهو انهن جو فرض هو ان لاءِ ڪنهن هڪ ڌر کي ڪريڊٽ نه ٿو ڏئي سگهجي .

اسان سمجهون ٿا ته اڃا به تمام گهڻا ڪم ڪرڻ باقي آهن ڪجهه ڪم اڳوڻي حڪومت ڪري وئي ته ڪجهه ڪم هي حڪومت ڪري رهي آهي فيٽف مان نڪرڻ رڳو ٽيڪنيڪل مسئلو نه آهي ان لاءِ سفارتي ڪُوششن جو به اهم ڪردار آهي جيڪڏهن اڳوڻي حڪومت ٽيڪنيڪل گهرجون پوريون ڪيون ته هن حڪومت اچڻ شرط سفارتي محاذ کي بهتر انداز ۾ استعمال ڪيو جنهن ڪري گري لسٽ مان نڪرڻ جي اميد پيدا ٿي آهي. تنهن ڪري ملڪي مفادن جي معاملن کي ڪريڊٽ کڻڻ واري ننڍڙي ڳالهه ذريعي  تڪراري نه بڻائڻ گهرجي ان ۾ ئي ملڪ جي بهتري آهي.