ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽيم کي چئمپينز ٽرافي کٽڻ کي 5 سال مڪمل ٿيڻ تي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته چئمپينز ٽرافي جي حوالي سان ڪيتريون ئي يادون لاڳاپيل آهن. سرفراز احمد چيو ته ايونٽ ۾ تمام رانديگرن غير معمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته چئمپينز ٽرافي م اسان جي سفر جو آغاز ڀارت خلاف ميچ سان ٿيو جنهن کانپوءِ اسان سڀ ملي ويٺاسين سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي، سينيئرن گهڻو ڪجهه شيئر ڪيو، سرفراز چيو ته ڪپتان طور تي آخري ڳالهه مان اها ئي چئي هئي ته هاڻ وائٽ ڪوٽ ۾ پاڪستان وڃڻو آهي. هن چيو ته فخر زمان خواب ڏٺو ته اهو آئوٽ ٿي ويو ۽ نوبال ٿي ويو. ايندڙ ڏينهن ايئن ئي ٿيو فخر زمان نوبال تي آئوٽ ٿيو ۽ پوءِ هن سينچري اسڪور ڪيو.