مهانگائي، ماحوليات ۽ عالمگيريت

0
306
مهاٻوڏ-۽-رياستي-ادارا

 پيٽرول ۽ ڊالر جي ڊوڙ 200 ٽپڻ کان پوءِ هاڻي 300 طرف جاري آهي. حالانڪه عالمي منڊي ۾ ڪچي تيل جو اگھه ڪري رهيو آهي پر ڊالر ۾ وياج وڌائي 3.4 سيڪڙو ڪرڻ سبب سيڙپڪار ڊالر جي طلب وڌائي رهيا آهن جنهن ڪري لنڊن جي سون منڊي ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ سون هيٺ لهڻ جو امڪان آهي. پر جيئن ته پاڪستاني ڪرنسي هيٺ ڪري رهي آهي ان ڪري هتي سون کي به پر لڳي ويا آهن جيڪو ٽن سالن ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ 85 سيڪڙو وڌيو آهي. ان ڪري ئي آميريڪا جي جان هاپڪن يونيورسٽي جي معاشيات جي پروفيسر اسٽيو هئنڪ دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستاني مهانگائي سال ۾ 41 سيڪڙو تي پهچي چڪي آهي يعني جيڪي شيون سال اول 100 رپين ۾ ملنديون هيون اهي هاڻي 141 رپين ۾ ملن ٿيون. پاڪستان ۾ شماريات جو کاتو 487 شين جون قيمتون 40 شهرن جي 75 مارڪيٽن ۾ هرهفتي يا ٻن هفتن بعد چيڪ ڪري حساب لڳائيندو آهي ته قيمتن ۾ ڪيتري واڌ يا کوٽ ٿي آهي جنهن کي شين جو کارو چيوويندو آهي.

ان کاري ۾ سڀني کان گهڻو وزن يعني 65 سيڪڙو کاڌي جي شين، پاڻي، بوتلن، بجلي، گئس، پيٽرول، گاسليٽ، هائوسنگ کي ڏنو ويندو آهي ڇوته اهي شيون سڀ ماڻهو ۽ شعبا ڪتب آئين ٿا ۽ سڀ کان گهٽ يعني  2.64 سيڪڙو شراب، سگريٽ، هوٽلن ۽ طعام گهرن کي ڏنو ويندو آهي ڇو ته ان جو واهپو مٿين يا وچين طبقي تائين محدود آهي. 40 شهرن ۾ مٺي سميت سنڌجا 8 شهر ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاھه، ميرپورخاص ۽ دادو شامل آهن جڏهن ته گهڻي ۾ گهڻا 13 مارڪيٽ به ڪراچي جا آهن جتي اهي قيمتون چيڪ ڪيون وينديون آهن. اهڙي طرح انفليشن ٽماٽن کان وٺي ريئل اسٽيٽ تائين قيمتن جي واڌ کي پنهنجي وزن موجب ضرب ڪري سراسري انگ ٻڌائيندو آهي. ضروري ناهي ته هر شيءَ هر شهر ۾ ان پٽاندر ئي وڌندي هجي، ڪي ان کان وڌيڪ مهانگيون ٿينديون هونديون ۽ ڪي گهٽ، پر اهو هڪ سراسري مهانگائي ماپو آهي. جيتوڻيڪ اهو سرڪاري ماپو هوندي مڪمل طور صحيح ته نه هوندو پر پوءِ به مهانگائي ۽ ان جي مقدار بابت ٿلهي ليکي اشارو ضرور هوندو آهي.

گذريل هفتي ڪوالالمپور، لنڊن، دوحا، دبئي، مسقط، ٽورنٽو، نيويارڪ مٽن مائٽن دوستن کان پيٽرول جا اگھه معلوم ڪيم. حيرت ٿي ته سواءِ چند خليجي ملڪن جي هرهنڌ تقريبن ساڳيا يا وڌيڪ اگھه آهن. لنڊن ۽ هانگ ڪانگ ۾ ته پاڪستان کان به ٻيڻ ۽ اڍائوڻ تي اگھه آهن. ٽورنٽو ۾ ته رش وقت اگھه وڌيڪ ۽ گهٽ رش وقت گهٽ آهن. ايئن ڪٿي ڪلاڪن ۾ ته ڪٿي روز ته ڪٿي هفتي بعد اگھه بدلجن ٿا. حيرت ان تي ٿي ته تيل پيدا ڪندڙ عرب امارات ۾ به ساڳيا اگھه آهن جيڪو تيل ٻاهر موڪليندڙ ملڪن جي جماعت اوپيڪ جو ميمبر به آهي، پر ساڳي جماعت جي ٻن ٻين ميمبر ملڪن قطر ۽ سعوديا توڙي اوپيڪ کان ٻاهر رهندڙ ٻئي عرب ملڪ اومان ۾ پاڪستان کان اگھه لڳ ڀڳ اڌ تي آهن. تيل ۾ امير ايران ۽ وينزئيلا تي عالمي پابندين، تيل وڌيڪ هئڻ پر ماڻهن جي قوت خريد گهٽ هجڻ سبب اگھه تمام گهڻو هيٺ يعني ڏهين کان ويهين حصي برابر ڪريل آهي. سريلنڪا ۾ پيٽرول خريد ڪرڻ لاءِ پرڏيهي ڪرنسي نه هئڻ ڪري ٽرانسپورٽ بند آهي، جتي هڪ هفتي لاءِ سرڪاري آفيسون بند ڪري گهرن مان ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. سريلنڪا اوڌر تي روس کان پابندين باوجود تيل جو ڪنٽينر گهرايو پر ڪمرشيل ڪورٽ هڪ ٻئي مقدمي ۾سندن هوائي ڪمپني ايروفلوٽ خلاف فيصلو ڏئي ڪولمبو ايئرپورٽ تي جهاز تي چڙهيل 200 کان وڌيڪ مسافرن ۽ عملي کي لاهي جهاز بيهاري ڇڏيو جنهن تي روس احتجاج ڪيو پر سفارتڪار چيو ته ان۾ سرڪار جو ڪو هٿ ناهي. وزيرخارجه معافي ورتي.

ايروفلوٽ پنهنجا جهاز بند ڪرڻ جواعلان ڪيو پر بعد ۾ اٽارني جنرل جي درخواست تي نظرثاني ڪري ڪورٽ سڳوري اهو فيصلو واپس ورتو ۽ هوائي جهاز روانو ٿي ويو. سنڌي ۾ پهاڪو “هڪ اڻهوند ٻيو افعال بڇڙا!” شايد اهڙي ئي صورتحال لاءِ چيل آهي جنهن مان پاڪستان کي به سکڻ جي ضرورت آهي. عام طور ڪورونا بعد يوڪرين جنگ کي مهانگائي جو مک سبب ڄاڻايو پيو وڃي. پر ڪن مبصرن جو خيال آهي ته ڳالھه ان کان گهڻو مٿي کيڏي پئي وڃي. لنڊن مان نڪرندڙ Economist جو چوڻ آهي ته هن وقت دنيا ۾ 90 کرب ڊالرن جو سامان گهربل ٽرانسپورٽ نه هئڻ سبب بندرگاهن تي سڙي رهيو آهي. ان ڪري دنيا کي ان جي حل طور علاقائي بلاڪ ٺاهڻا پوندا، جتان شين جي چرپر آساني سان ٿي سگهندي. اها به اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته عالمي سيڙپڪار چين جي ڀيٽ ۾ پاڻ کي ويٽنام ۾ وڌيڪ محفوظ سمجهن ٿا جنهن ڪري سيڙپ اوڏانهن چرپر ڪندي. ان حالت ۾ ٽي ڏينهن اڳ پرڏيهي وزير بلاول جو اسلام آباد جي انٽرنيشنل اسٽريٽيجڪ اسٽڊيز ۾ خطاب دوران اهو بيان ته پاڪستان جي مفادن لاءِ انڊيا خاص طور اتان جي عوام سان رابطا هئڻ گهرجن ڇوته پاڪستان اڳي ئي پوري دنيا کا الڳ ٿلڳ آهي. تنهن ڪري انڊيا سان رشتا ڪٽڻ پاڪستان جي مفادن ۾ ناهي. ان بيان جي ڪري ڪجھه اميد پيدا ٿي ته علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽبي ۽ ويجهو هئڻ ڪري واپار ڪري شيون سهانگيون ٿينديون.

پر ٻئي ڏينهن پرڏيهي ترجمان وضاحت ڪندي چيو ته بلاول جي لفظن کي پسمنظر کان ڪٽي پيش ڪيو ويو آهي ۽ پاڪستان جي انڊيا بابت پرڏيهي پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي.ان جي ابتڙ گذريل هفتي هڪ ٻي غيرمعمولي سفارتي سرگرمي نظر آئي، جنهن موجب پاڪستان جي ٽنهي فوجن جي سربراھن ٽن ڏينهن جي دوري تي چين وڃي صدر شي چن پنگ سان به ملاقات ڪئي جنهن بعد معلوم ٿيو ته چين 3 ارب ڊالر پراڻو قرض ٻيهر گهمائڻ ۽ 2.6 ارب ڊالر نئون قرض ڏيڻ جو اعلان به ڪيو آهي. پر اهو نئون قرض نومبر ۾ ڏنوويندو. عالمي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي مالي سهائتا کي روڪيندڙ اداري فاٽف به تازي گڏجاڻي ۾ پاڪستان جي قدمن جي تعريف ته ڪئي آهي پر ان کي گري مان سفيد لسٽ ۾ وجهڻ لاءِ سندس گروپ پاران پاڪستاني جي آن سائيٽ چڪاس بعد ايندڙ گڏجاڻي تائين ملتوي ڪيو آهي جيڪا پڻ اتفاق سان آڪٽوبر ۾ آهي. ان اداري ۾ آميريڪا، يورپ، برطانيه، چين، جپان ۽ روس جي سرسي آهي. پر تازو روس کي پاسيرو رکيو ويو آهي. چين پاڪستان جي حمايت ڪئي پر نظر ايئن پيو اچي ته آميريڪا ۽ يورپ سان اڃان لاڳاپا سڌا نه ٿيا آهن. ناڻي جي مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا اهو به چيو ته فاٽف جي فيصلي پويان رڳو مالي نه پر سفارتي معاملا به شامل آهن جن کي ڏسڻو پوندو. جنهن جووڌيڪ اندازو آئي ايم ايف جي فيصلي سان به ٿيندو جنهن جي ايندڙ هفتي اميد ڪئي پئي وڃي.

هن دفعي جنهن طريقي ۽ سطح تي آئي ايم ايف پنهنجا مطالبا مڃائڻ لاءِ هيٺ لهي آئي آهي تنهن مان لڳي ٿو ته سياسي مذمت کان بچڻ لاءِ حڪومت سڀ ڳالهيون آئي ايم ايف جي کاتي ۾ ڳڻائي رهي آهي. پگهاردارن تي ٽيڪس به ان تناظر ۾ ڏسڻو پوندو. ملڪي ۽ عالمي حالتن ۾ وڌيڪ بدتري موسمياتي تبديلين به ڪئي آهي. سنڌ جي ڪجھه شهرن ۾ گرمي درجو 5 ڊگريون وڌيو آهي. برساتون نه پوڻ ۽ گرمي وڌڻ سبب دريائن جو پاڻي بخار ۽ چوري ٿيڻ سبب زراعت کي ڌڪ لڳي رهيو آهي. ايئن اهي سڀ ملڪي عالمي ۽ موسمياتي تبديليون هڪٻئي سان ڪنهن نه ڪنهن طرح ڳنڍيل آهن. ان وچ۾ روسي صدر پيوٽن جمعي تي پنهنجي اباڻي شهرسينٽ پيٽرسبرگ ۾ عالمي اقتصادي فورم کي خطاب دوران اهو اعلان ڪيو ته يونيپولر دنيا جو دور پنهنجي پڄاڻي تي پهچي چڪو آهي. هن اولھه تي ڇوھه ڇنڊيندي چيو ته سرد جنگ جي خاتمي بعد هنن پاڻ کي زمين تي خدا جو خاص خليفو سمجهيو جن خليفن کي فقط مفاد عزيز هئا پر مٿن ڪي به ذميداريون نه هيون. جنهن ڪري هڪ طرفي ٽريفڪ سبب دنيا غير مستحڪم ٿي وئي. هنن سمجهيو ته هو کٽي چڪا آهن ۽ باقي دنيا سندن ڪالوني ۽ هڪ واڙو آهي جنهن۾ ٻئي درجي جا شهري رهن ٿا. هن چيو ته دنيا ۾ مهانگائي يوڪرين جنگ ڪري نه پر آميريڪي ۽ يورپي بيوروڪريسي جي پاليسين سبب وڌي آهي. سندس تقرير دوران سائبر حملي سبب سندس تقرير ڏيڍ ڪلاڪ تائين نشريات کان رهجي وئي. ڏسئون ته يونيپولر دنيا ختم ٿيڻ جي پيوٽني اعلان بعد يوڪريني جنگ ڪڏهن ختم ٿئي ٿي جنهن جي شروع ٿيڻ جي چئن مهينن اندر چيني صدر شي جنپنگ صدر پيوٽن کي ٻيون دفعو فون ڪري ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي آهي جنهن سان اميد ته دنيا ڪجھه سک جوساھه کڻندي.