فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج ڀرسان ڳوٺ حاجي حسن چانگ ۾ پٽن کان ناراض 98 ورهين جي پيرسن محمد عيسيٰ چانگ پراسرار نموني فوت ٿي ويو آهي، پيرسن جي 3 ڏينهن اڳ پنهنجي پٽن خلاف احتجاجي مظاهري جي ويڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ هن پنهنجي گهرواري سان گڏجي بيان ڏنو هو ته پٽ جان ويري ٿي ويا آھن، جن گهران ڪڍي ڇڏيو آھي، جڏهن ته فوتي محمد عيسيٰ چانگ جي فوت ٿيڻ واري اطلاع بعد پوليس فوتي جي ڳوٺ پهتي، جتي سندس پيرسن زال بشيران خاتون کان بيان ورتو ويو، پيرسن جي زال پوليس کي ٻڌايو ته ڌيءَ جي شادي تان اسان پٽن کان ناراض هياسين پر احتجاج واري ڏينهن ئي پٽ پرچائي ويا هئا، هن چيو ته احتجاج واري بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي، مڙس دل جي تڪليف سبب فوت ٿيو آھي. هن کي ڪنهن به قتل نه ڪيو آهي، ٻي طرف ايس آءِ او عبدالرشيد شر ٻڌايو ته فوتي پٽن کان ناراض هو، جنهن جي ويڊيو شوسل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ زال مڙس پٽن تي زمين معاملي تان قتل ڪرڻ جا الزام لڳايا هئا، فوتي جي گهرواري بشيران ۽ ننهن سلطانه جا بيان قلمبند ڪيا آھن. وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.