کھڙا (ن پ ا) کهڙا ڀرسان ڳوٺ نور ناريجو ۾ گذريل ڏينهن 9 جريب زرعي زمين جي مالڪي تان ناريجا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هڪ ڌر جي ماڻهن ڳوٺاڻي حمل فقير ناريجو جي گهر تي حملو ڪري لٺيون ۽ ڪهاڙيون هڻي 2 ڀائرن اڪرم علي، ادريس ۽ چاچي علي جان ناريجو کي زخمي ڪيو ويو هو، ان حوالي سان بھارو ٿاڻي تي ٻنهي ڌرين پاران 14 جوابدارن خلاف 2 جدا جدا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، بھارو ٿاڻي تي هڪ ڌر جي محمد ابراهيم ناريجو جي فرياد تي گناھ نمبر 39 /2021 تحت 8 جوابدارن مختيار علي ناريجو، اختيار، نظير احمد، امير علي، صحراب، غلام الله ۽ 2 نامعلوم سميت 8 جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ته ٻئي ڌر جي غلام اصغر ناريجو جي فرياد تي گناھ نمبر 40 /2021 تحت 3 زخمين اڪرم ناريجو، ادريس، علي جان ناريجو سميت 6 جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس ڪيسن ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، ان حوالي سان هڪ ڌر جي نيڪ مرد ابراهيم ناريجو ٻڌايوته پوليس جي لاپرواهي سبب واقعو پيش آيو آهي، مخالف ڌر جي ماڻهن اسان جي گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي ۽ منهنجي ٻن ڀائرن ۽ چاچي کي شديد زخمي ڪيو پر پوليس مخالف ڌر جي ماڻهن کان ڳري رشوت وٺي اسان جي 6 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو آهي، جيڪا زيادتي آهي، ٻئي پاسي مختيار علي ناريجو ٻڌايو ته زمين جي تڪرار تان جهيڙي سبب اسان جا به 2 ڄڻا مختيار علي ۽ غلام الله ناريجو زخمي ٿي پيا هئا، اسان اهڙو ڪيس مخالف ڌر جي 6 جوابدارن خلاف داخل ڪرايو آهي.