سيوهڻ(ن پ ا) سيوهڻ جي بودلو بهار محلي ۾ زيادتي جو شڪار 14 ورهين جي نياڻي عليشا اوٺو کي انصاف نه ملي سگهيو آهي، جڏهن ته ڪيس جا جوابدار سگهاري ڌر هئڻ ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچي نه سگهيا آهن. ھوڏانھن اوٺا برادري جو قومي سردار مير محمد اوٺو متاثر خاندان سان يڪجھتي ڪرڻ لاء سيوهڻ پهتو، جتي سردار مير محمد اوٺو نتاثرن کي هر قانوني، مالي همدردي ۽ جوابدارن کي هر صورت ۾ گرفتار ڪرائي قانوني ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ جدوجهد جو اعلان ڪيو، مير محمد اوٺو چيو ته اوٺا برادري پنهنجي ننگن ۽ دنگن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي پر قانون هٿ ۾ نه کڻنداسين، سيوهڻ واقعي تي پوري سنڌ جي توڙي ملڪ ۾ رهندڙ اوٺا برادري ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ ورتل آهي، نياڻي سان پيش آيل واقعي تي وڏي وزير نوٽيس ناهي ورتو، جيڪا وڏي افسوس جي ڳالھه آهي. پوليس پنهنجي پٽي ڀائي سان ٿيل ناجائزي تي خاموش ۽ ۽ لاچار بڻيل آهي. سيوهڻ ٿاڻي جي ڀر ۾ جوابدار محسن شورو جو گهر آهي پر جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ اچي ناهي سگهي نه ئي وري ڪو ماڻهون عيوضي طور گرفتار ٿي سگهيو آهي. گرفتاريون نه ٿيون ته عيد کان پوء سموري سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. ان موقعي تي سيوهڻ تعلقي جا اوٺا برادري جون معزز شخصيتون سابق نائب ناظم صفيع الله اوٺو، سابق ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر، علي اڪبر اوٺو، حاجي علي حسن اوٺو ،وڏيرو حاجي دين محمد اوٺو،وڏيرو الهداد اوٺو ،پي ڊي ايس پي قربان علي اوٺو، عبدالسميع اوٺو، محمود علي، عبدالنبي اوٺو ۽ نوجوان اتحاد جي نوجوانن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.