فيض گنج: فيض گنج لڳ قديمي آثار ليلان جي آتڻ تي مبينه طور تي قبضي واري معاملي جي خبر ٽائيم نيوز تي هلڻ بعد انتظاميه حرڪت ۾ اچي وئي، ڊي سي خيرپور جي حڪم تي ڪم بند ڪرايو ويو. قديمي آثار ليلان جي آتڻ جي 32 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاء آرڪيلاجي کاتي پاران ليٽر جاري ڪيو ويو. ان حوالي سان پروفيسر غلام مصطفيٰ شر جو چوڻ آهي ته قديمي آثار ليلان جا آتڻ پراڻو شهر آهي، روينيو کاتي پاران ڪوڙا جعلي زمين جا ڪاغذ تيار ڪري بااثرن کي ڏنا ويا آهن، مون کي ليٽر مليو آهي جيڪي به ڌريون هن قديمي آثارن جي قبضن ۾ ملوث آهن انهن تي ڪيس داخل ڪنداسين. هنن آثارن کي بااثرن پاران کوٽائي ڪرڻ سبب 40 سيڪڙو نقصان پهتو آهي، بااثرن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نٿا ڪري سگهون.