دنيا جي مشهور پيغام رسائيندڙ ايپ، واٽس ايپ پنهنجي صارفين لاءِ هڪ نئين اپ ڊيٽ متعارف ڪرائي آهي. نئين اپڊيٽ تحت واٽس ايپ جي اپليڪيشن صارف جي واٽس ايپ چيٽ ۾ تصويرن ۽ وڊيوز کي وڌيڪ وڏو ڪري ڏيکاريندي. واٽس ايپ جي سرگرمين تي نظر رکندڙ ويب سائيٽ ويب بيٽا انفو طرفان اهڙو اطلاع ٽويٽر ذريعي ڏنو ويو آهي. ويب بيٽا انفو جي ٽوئيٽ موجب ، واٽس ايپ ۾ فوٽو ۽ ويڊيو هاڻي وڌيڪ ويجهو کان ڏسي سگهبا، ياد رهي ته واٽس اپ ۾ تازو ئي صارفين جي سهولت لاءِ هڪ فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ، جنهن تحت صارف ڪنهن کي به وائيس نوٽ موڪلڻ کان اڳ ٻڌي به سگهندو.