فيض گنج: قديمي آثار ليلا جي آتڻ تي والار خلاف درخواست داخل

0
315

فيض گنج (ن پ ا) قديمي آثار ليلا جي آتڻ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ ۽ هلندڙ ڪم بند ڪرائڻ لاءِ وڪيل برادري پاران فيض گنج جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي، عدالت ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي ڌرين کي 17 تاريخ تي طلب ڪري ورتو، داخل درخواست ۾ موقف اختيارڪيو ويو آهي ته قديمي آثارن ليلان جي آتڻ تي ڪم جاري آهي، بااثر ڌرين اڳيان پوليس انتظاميه بي وس بڻيل آهي، ڪم بند ڪرائڻ قديمي آثارن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ سان گڏ پوليس پڪٽ قائم ڪري قديمي شين کي بچايو وڃي ۽ ماڳ کي لتاڙ کان بچائڻ لاء قدم کنيا وڃن.