جوهانسبرگ(دلچسپ نيوز) نوجوان خطرناڪ پل تي سائيڪل هلائي حيران ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ ڏکڻ آفريڪا ۾ مزاحيا اداڪار ٽريور نوهه سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي.وڊيو ۾ نوجوان کي هڪ پل تي سائيڪل هلائيندي ڏسي سگهجي ٿو نوجوان روڊ تي هلندي جيئن ئي پل تي پهچي ٿو ته ان جي ڪناري کان ڏنل سنهڙي ڀت تي سائيڪل کڻي وڃي ٿو ۽ هلائڻ شروع ڪري ڏي ٿو سندس خطرناڪ پل تي سائيڪل هلائيندي وڊيو ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويا آهن. وڊيو جي ڪيپشن ۾ ٽريور نوهه لکيو آهي ته ديوانن لاءِ به ڪا ويڪسين هجڻ گهرجي.