فوج کي سياست کان پري رهڻ گهرجي يا سياستدانن کان!

0
236
فوج کي سياست کان پري رهڻ گهرجي يا سياستدانن کان!

عمران خان اڳ ۾ خان، بعد ۾ ڪرڪيٽر ۽ تنهن بعد سياستدان، پارٽي سربراهه، پاڪستان جو اڳوڻو وزيرِاعظم ۽ هن وقت واحد مخالف اڳواڻ آهي. عمران خان جي زندگي جو سفر جيڪو خان کان شروع ٿي مخالف اڳواڻ تي اچي پورو ٿئي ٿو، جيڪڏهن سندس جي سڄي عمر جي ذاتي يا هنرواري (پروفيشنل) ڪارڪردگي جو جائزو وٺجي ٿو ته، اسان کي هي معلوم ٿئي ٿو ته، خانصائب جيڪو به ڪم ڪري ٿو ان ۾ سندس جي سوچ جي سئي “ڪَري گذرڻ” واري ڳالهه تي اٽڪي پئي ٿي. يعني عمران خان هن ڳالهه جي پرواهه نٿو ڪري ته، آءُ جيڪو ڪجهه ڪيان ٿو يا ڪرڻ وڃي رهيو آهيان ان جو نتيجو ڇا نڪرندو! هو جنهن ڳالهه کي صحيح سمجهي ٿو، ڪري ڇڏي ٿو. چاهي پوءِ اهو يوٽرن وٺڻ ئي ڇونه هجي. اصل ۾ هن جي ڪاميابي به پنهنجي صحيح يا غلط موقف تي قائم رهڻ ۾ ئي آهي. مان اڳ به ڪيترائي ڀيرا لکي چڪو آهيان ته عمران خان هر معاملي ۾ ڀاڳن وارو رهيو آهي. گهر ۾ فرد جي حيثيت کان وٺي، شخصيتي قد ڪاٺ، هنرواري زندگي ۽ شادين جي ٻنڌڻن تائين، هو مقدر جو سڪندر ئي رهيو آهي، هن وقت جيڪو فيصلو فوج پاران سياست کان پري رهڻ وارو ڪيو ويو آهي جيڪڏهن فوج ان تي من و عن ۽ سدائين جي لاءِ قائم رهي ٿي ته عمران خان جو نالو پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ سدائين جي لاءِ معتبر رهندو ايندو ڇاڪاڻ جو هن جي ئي تنقيدن سبب اڄ ادارو پنهنجي آئيني ڪردار ڏانهن سري رهيو آهي چاهي پوءِ ان جو اسان اقرار ڪيون يا نه ڪيون. مڃڻ گهرجي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ عمران خان اهو واحد ماڻهو آهي جنهن جو ڪنهن به سياسي ڊڙنگ خاندان سان واسطو ته ڪونه آهي پر سندس قدڪاٺ سبب هن کي جڏهن سياست ۾ آندو ويو، ۽ 2018ع جي عام چونڊن ۾ وڏين پارٽين جي ڀيٽ ۾، هن جي پي ٽي آءِ کي وڌيڪ نشستون ڏيارائي، ڪجهه سياسي گروپن سان ملائي هن کي وزيرِ اعظم بڻايو ويو ته اميد هي ڪئي پئي وئي ته هو معاشي طور ملڪ کي اڳتي وٺي ويندو ۽ جيڪو هڪ خواب ئي رهجي ويو. هن جي حڪومت کي پوڻن چئن سالن بعد ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آئيني طريقي سان ختم ڪيو ته ويو پر خانصائب پنهنجي هٽائڻ کي تشڪيل ڪار سان، ڪن مامرن تي اختلاف جو سبب ڄاڻائي ٿو ۽ چئي ٿو ته مسئلو هي ناهي ته “منهنجي حڪومت کي ڇو ختم ڪيو ويو” پر ظلم هي آهي ته انهن ئي پارٽين کي ٻيهر اقتدار ڏنو ويو آهي جن جي لاءِ، هن کي هي چئي ملڪ جون واڳون هٿن ۾ ڏنيون ويون ته اهي پارٽيون ملڪ جي لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيون آهن. هو چئي ٿو ۽ وڏي واڪي چئي ٿو ته ملڪي ادارن، غيرملڪين سان ملي، سازش ڪري، ملڪ لٽيندڙ پارٽين سان ساز باز ڪري مونکي انهيءَ ڪري هٽايو جو مان اداري سان ڪجهه سياسي مامرن تي سهمت ڪونه هئس يا ادارو ڪن انتظامي ۽ عالمي معاملن تي مون سان اختلاف ۾ هو.

پوڻن چئن سالن جي پي ٽي آءِ جي حڪومت دوران وزيرِ اعظم هائوس ۽ تشڪيل ڪار بطور هڪ آئيني ادارو هجڻ جي ناتي هڪٻئي تان ساهه صدقي پيا ويندا هئا ۽ ٻئي اهم ادارا هڪ صفحي تي هجڻ واري دعوى به بار بار ڪندا هئا پوءِ اهڙو ڇا ٿيو جو چئن سالن اندر ٻنهي ادارن جي وچ ۾ سس نهن واري روايتي ويڙهه جي شروعات ٿي ۽ معاملا حڪومت جي خاتمي تائين وڃي پهتا. هن وقت خانصاحب جيڪڏهن چاهي به ٿو ته تشڪيل ڪار سان سندس پراڻي چاهت بحال ٿئي ۽ معاملا ٺيڪ ٿي وڃن پر گذريل اٺن مهينن دوران خانصائب جي بيانن جي ڪري هاڻي ادارو هن کان ايترو ته ڪاوڙيل آهي جو فوج بطور ادارو سياست کان مڪمل طور تي پري رهڻ ۽ صرف آئيني ڪردار کي نڀائڻ جي ڳالهه تي بضد آهي. اچو ته ان اهم ۽ تاريخي فيصلي کي فوج جي اڳوڻي سربراهه جي لفظن ۾ ڏسئون جن لفظن جو اظهار هن نار جي هڪ خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي ڪيو آهي. هو چئي ٿو “فوج کي غيرسياسي رکڻ جي فيصلي کي معاشري جي هڪ طبقي طرفان ناڪاري انداز ۾ ڏٺو ويو ۽ ذاتي تنقيد ڪئي وئي پر اداري جو فيصلو جمهوري روايتن کي هٿي وٺرائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو رهندو. ايئن ڪرڻ سان رياستي ادارن کي پنهنجو ڪم موثر انداز ۾ ڪرڻ ۽ ثابت (ڊليور) ڪرڻ ۾ مدد ملندي. قومي فيصلي سازي ۾ پاڪ فوج جو سدائين اهم ڪردار رهيو آهي. ملڪي سياست ۾ پنهنجي ماضي جي ڪردار سبب فوج کي عوام ۽ سياستدانن جي تنقيد کي منهن ڏيڻ جي ڪري وڏي غور ويچار بعد اداري هي فيصلو ڪيو ته فوج ايندڙ وقت ۾ سياست ۾ ڪوبه ڪردار ادا نه ڪندي ۽ فوج جي ڪردار کي آئيني مينڊيٽ (دائرِ اختيار) تائين محدود رکيو ويندو. جڏهن ته معاشري جي هڪ طبقي فوج جي فيصلي کي ناڪاري انداز ۾ ورتو ۽ ذاتي تنقيد جو نشانو بڻايو پر مونکي يقين آهي ته هٿياربند فوج جو سياست کان پري رهڻ واري فيصلي سان جمهوري روايتون مضبوط ٿينديون، رياست جي سمورن ادارن کي بهتر طريقي سان ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو ۽ فوج جي وقار ۾ اضافو ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي.” اڳوڻي آرمي چيف چيو ته، “اسانجي فوج تي عوام بي پناهه ڀروسو ۽ ان جو احترام ڪري ٿو. ملڪي سلامتي ۾ فوج جي اڏاوتي ۽ هاڪاري ڪردار جي عوام سدائين حمايت ڪئي آهي.” اڳوڻي چيف جي خيال موجب “فوج جي عوامي حمايت ۾ ان وقت گهٽتائي اچڻ شروع ٿي وئي جڏهن سياسي معاملن ۾ فوج جي مداخلت وڌي وئي يا ڏٺي وئي. تنهنڪري، مونکي ان ڪم کان احتياط ڪرڻ لازمي لڳو ته پاڪ فوج کي پاڪستاني سياست جي غير امڪاني تبديلين کان محفوظ رکجي. هڪ پروپئگينڊا ذريعي ڪوڙيون ڪهاڻيون ٺاهي پاڪ فوج تي تنقيد ۽ اجائي توهين ڪئي وڃي پئي پر ان جي باوجود ادارو غيرسياسي رهڻ واري عزم (ڪمٽمنٽ) تي ثابت قدم رهندو.” هن چيو ته، “مونکي يقين آهي ته هٿياربند فوج جو سياست کان پري رهڻ واري فيصلي سان ايندڙ وقت ۾ پاڪستان ۾ سياسي استحڪام ايندو. فوج ۽ عوام جي وچ ۾ تعلق مضبوط ٿيندو.” پاڪستان کي درپيش دڙڪن جي حوالي سان جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته، “افغانستان ۾ تڪرار سبب پاڪستان جو اولهندو دنگ شديد عدم استحڪام جي ور چڙهيل آهي. آمريڪي واپسي بعد تشدد ۾ ٿوري گهٽتائي آئي آهي پر صورتحال اڃا به غير مستحڪم آهي.” هن هي به فرمايو ته، “چين سان پاڪستان جي سدابهار دوستي گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران، ايندڙ لاهن چاڙهن کي نه صرف برداشت ڪيو آهي پر عالمي طاقت بڻجڻ جي مقابلي جي ڊوڙ کي نظر ۾ رکندي هاڻ چين ۽ اولهه سان پنهنجن لاڳاپن ۾ برابري رکڻ جي حوالي سان پاڪستان کي نازڪ صورتحال سامهون آهي. پاڪستان هن وقت هڪٻئي کان اڳتي نڪرڻ واري ڏور رس (اسٽريٽجڪ) ماحول ۾ سمجهداري سان معاملا سرانجام ڏيڻ جي ڪوشش به ڪري رهيو آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني به بڻائي رهيو آهي ته متان اسان کي مستقبل (قريب يا بعيد) ۾ ڪنهن سرد جنگ ۾ نه گهليو وڃي.” هن هي به چيو ته، “پاڪستان جي دهشتگردي خلاف ڪامياب مهم دهشتگردي جي لهر جو رُخ موڙي ڇڏيو آهي. فوج انتهاپرستي ۽ دهشتگردي جي باقيات جي خاتمي لاءِ نتيجو ڏيندڙ پنهنجيون ڪوششون جاري رکندي.” ملڪ ۾ وڌندڙ عدم برداشت تي ڳالهائيندي چيو ته، “اسان برداشت رکندڙ اهڙي معاشري جي قيام لاءِ ڪوششون ڪندا رهنداسين، جتي ڪنهن سان به مذهب، رنگ، نسل، سياسي نظرين يا عقيدن جي بنياد تي امتيازي سلوڪ نه ڪيو وڃي.” هن چيو ته 2017ع ۾ شروع ڪيل آپريشن ردالفساد جو مقصد دهشتگردن ۽ انتهاپسندن جو خاتمو ڪرڻ هو ۽ ان سان اسان کي دهشتگردن خلاف ڪيترن ئي هاڪاري نتيجن کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد به ملي آهي. عوام جي ترقي تي ٻڌل اسانجي سوچ جو مرڪز قبائلي علائقن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ آهي ته جيئن انهن علائقن کي به ملڪ جي ٻين علائقن وانگر ترقي ڏياري سگهجي. سرحدي علائقن جي عوام کي غلامي جي زنجيرن مان آزادي ڏيارڻ پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت جي پهرين ترجيح آهي. هي سمورا مسئلا پاڻ ۾ جڙيل آهن ۽ منهنجي دل جي ويجهو آهن. ڪابه قوم صرف پنهنجي دفاعي قوتن سبب سلامت ۽ محفوظ نه ٿي رهي سگهي. پاڪستان جي هٿياربند فوج ملڪ تي پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر اسان پنهنجي عوام خاص طور سٺ سيڪڙو نوجوانن جي مدد کانسواءِ ڪاميابي حاصل نه ٿا ڪري سگهون. فوج کي پنهنجي عوام جي طاقت ۽ حمايت سان هٿي ملندي آهي. اها ئي حمايت اسان کي ملڪي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ داخلي سلامتي کي درپيش خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ همت ڏيندي آهي.” نوجوانن جي لاءِ پيغام ڏيندي هن چيو ته، “نوجوان پنهنجو سمورو وقت توانائي، تعليم ۽ هنرواري مهارت بهتر بڻائڻ تي خرچ ڪن. پاڻ کي ورهائڻ واري پروپئگينڊا يعني ڪنهن اهڙي انڌ تي سندرو ٻڌڻ واري ڄاڻ (انفارميشن وارفيئر) کان محفوظ رهن جيڪا گڏيل ڀروسي کي نقصان پهچائي ٿي. اسان جي نوجوان کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته گڏيل ڀروسو ئي پاڪستان جي سڀ کان پهرين ۽ اسانجي آخري سڃاڻپ آهي.

فوج جو غير سياسي رهڻ واري فيصلي کي عوام جي آڏو آڻڻ ۽ قائم رهڻ لاءِ اڳوڻي آرمي چيف جي نار انٽرويو کان مهينو کن اڳ، ڊي جي آءِ ايس ايس آءِ پڻ پريس ڪانفرنس ڪري ساڳي ڳالهه کي چٽو ڪري ڇڏيو هو ته فوج هاڻي صرف آئيني ڪردار نڀائيندي رهندي. جڏهن آئيني ڪردار کي نڀائڻ جي ڳالهه اچي ٿي ته اهو ڪردار سياسي ئي آهي باقي جيتري قدر پاڻ کي غير تڪراري بڻائڻ واري ڳالهه آهي ته منهنجي خيال ۾ اداري کي ملڪي ۽ غيرملڪي سياستدانن جي شر کان بچڻ گهرجي جيڪي اداري کي خوامخواهه يا ڪنهن ذاتي رنجش سبب يا سياسي مفادن جي ڪري تڪراري به بڻائين ٿا ۽ حڪومتِ وقت جي آئيني معاملن ۾ ٽنگ اڙائڻ جي دعوتِ عام به ڏين ٿا. جڏهن ته آئين ۾ هي چٽو لکيل آهي ته “حڪومت جو مدو پنج سال آهي” پر اسان جا سياستدان ڪجهه نه ڪجهه اهڙو ماحول پيدا ڪري اداري تي دٻاءُ وجهي چونڊيل حڪومتن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جي لاءِ فوج جا ڪلها استعمال ڪن ٿا، نتيجي طور فوج جو معتبر ادارو عوام، ميڊيا ۽ سياستدانن جي آڏو تڪراري بڻجي وڃي ٿو. فوج کي سياست کان نه پر انهن سياستدانن کان پري رهڻ گهرجي جن جي چوڻ آکڻ ۾ اچي فوج جو ڪردار مشڪوڪ ٿي وڃي ٿو ۽ ان جي وقار ۾ ڏارَ پڻ پون ٿا. حڪومتي تبديلين لاءِ يا ته آئيني رستا استعمال ڪيا وڃن يا عام چونڊن جو انتظار ڪيو وڃي باقي تشڪيل ڪار جا ڪلها استعمال ڪري اڳتي اچڻ ۽ بعد ۾ اختلافن سبب ساڳي ئي اداري کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ ملڪ جي خدمت نه پر آئيني ڀڃڪڙي آهي.