فوج خلاف ڳالهائڻ ڏوهه قرار: آرمي ايڪٽ ترميمي بل منظور

0
187

اسلام آباد: سرڪاري حيثيت ۾ ملڪي مفاد ۽ سلامتيءَ واري معلومات جو غير مجاز انڪشاف ڪندڙ شخص کي 5 سال سخت قيد جي سزا ملندي

فوجي اهلڪار رٽائر ٿيڻ کانپوءِ 2 سالن تائين سياسي سرگرميون نه ڪري سگهندو، حساس ڊيوٽي تان رٽائر ٿيندڙ شخص 5 سالن تائين سياست ۾ حصو نه وٺي سگهندو، فوج خلاف نفرت پکيڙيندڙ شخص کي 2 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ملندي

سينيٽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم واري حڪومتي بل جي اڪثريتي راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي

پي ٽي آءِ جا سينيٽرز احتجاج بعد واڪ آئوٽ ڪري ويا، آرمي ايڪٽ ۾ ترميم وارو بل دفاع واري وزير خواجا آصف پيش ڪيو

منظور ڪيل بل تحت آرمي چيف يا بااختيار آفيسر جي اجازت سان معلومات پڌري ڪندڙ شخص تي نئون قانون لاڳو نه ٿيندو

پاڪستان ۽ فوج جي مفادن خلاف انڪشاف ڪندڙن کي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ تحت منهن ڏنو ويندو

بل موجب هن قانون جي ماتحت شخص سياسي سرگرمين ۾ حصو نه وٺندو، حساس ڊيوٽي تي مقرر شخص 5 سالن تائين سياسي سرگرمي ۾ حصو نه وٺندو

پابنديءَ جي ڀڃڪڙي ڪندڙ کي 2 سالن تائين سزا ملندي، منظوري ڏنل بل موجب اليڪٽرانڪ ڪرائيم ۾ ملوث شخص جنهن جو مقصد فوج کي بدنام ڪرڻ هوندو ته ان جي خلاف اليڪٽرانڪ ڪرائيم تحت ڪارروائي ٿيندي

فوجي اهلڪار رٽائر ٿيڻ کانپوءِ 2 سالن تائين سياسي سرگرميون نه ڪري سگهندو، حساس ڊيوٽي تان رٽائر ٿيندڙ شخص 5 سالن تائين سياست ۾ حصو نه وٺي سگهندو، فوج خلاف نفرت پکيڙيندڙ شخص کي 2 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ملندي

بل جي متن موجب سرڪاري حيثيت ۾ ملڪي سلامتيءَ واري معلومات وائکي ڪندڙ شخص کي 5 سال قيد جي سزا ملندي، اهڙي شخص جي سياسي سرگرمين تي 5 سالن لاءِ پابندي لڳائي ويندي، فوج خلاف نفرت پکيڙيندڙ شخص کي 2 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ملندي

 آرمي ايڪٽ ۾ ترميم وارو بل دفاع واري وزير خواجا آصف پاران پيش ڪيو ويو، منظور ڪيل بل تحت آرمي چيف يا بااختيار آفيسر جي اجازت سان معلومات پڌري ڪندڙ شخص تي نئون قانون لاڳو نه ٿيندو

هي به پڙهندا

پي ٽي آءِ پاران چونڊ سڌارن واري ترميمي بِل جي مخالفت