ڪاڇي جي جبلن تي برسات ۽ نئيون وهي اچڻ بعد منڇر ڍنڍ جي پاڻي ۾ واڌ

0
139

ڀان سيد آباد: ڪاڇي جي جبلن تي برسات ۽ نئيون وهي اچڻ بعد منڇر ڍنڍ جي پاڻي ۾ واڌ آئي آهي، ڪاڇي جي جابلو پٽي تي برساتن  ۽ نئيون وهي اچڻ بعد منڇر  ڍنڍ جي پاڻي ۾ واڌ آئي آهي

آبپاشي کاتي موجب منڇر ڍنڍ ۾ چاڙهه بعد  پاڻي سطح 112 آر ايل تائين  پهچي وئي آهي، چئن ڏينهن دوران منڇر ڍنڍ ۾ پنج  فوٽ پاڻي وڌيو آهي

آبپاشي کاتي موجب منڇر ڍنڍ ۾ هاڻي 30 فوٽ پاڻي جي  گنجائش موجود آهي، بندن جي مضبوطي  وارو ڪم جاري آهي، 2022ع جي ٻوڏ دوران تباهه ٿيل منڇر  جي بندن جي ٻيهر بحالي وارو ڪم  جاري آهي

دانستر واهه جي نون دروازن جو ڪم به  تيزي سان جاري آهي، جڏهن ته ڪاڇي ۾ برسات بعد وري ماروئڙن جا سور ٻيڻا ٿي ويا آهن، رستا شهرن سان ڪٽجي ويا آهن

هي به پڙهندا

ملير ندي ۾ پاڻي جي سطح ۾ واڌ، ٻنهي ڪازن کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو