ڪراچي (نمائندن وٽان) اسرائيلي فوج پاران معصوم فلسطينين تي بمباري خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جڏهن ته وڪيلن پاران عدالتي ڪارروائين جو بائڪاٽ ڪيو ويو، حيدرآباد ۾ وڪيلن پاران عدالتي ڪاررواين جو بائڪاٽ ڪيو ويو. هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر عشرت علي لوهر ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر آصف علي شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي پڻ ڪڍي وئي، قمبر ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي عدالتي ڪارروائين جو بائڪاٽ ڪري منير کھاوڙ، ضمير سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ميرپورخاص ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران عدالتي ڪارروائين جو بائڪاٽ ڪيو ويو ۽ جماعت اسلامي پاران بلديا چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، دوڙ ۾ شيعه علماءِ ڪائونسل اصغريه آرگنائيزيشن پاڪستان طرفان اسرائيل جي ظلم خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، گهوٽڪي ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران عدالتي ڪارروائين جو بائڪاٽ ڪري صدام چند، لياقت ملاڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسرائيلي جارحيت خلاف سمورا مسلمان ملڪ خاموش آهن، جن کي خاموشي ٽوڙي گڏيل طور احتجاج ڪرڻ گهرجي ته جيئن فلسطيني اسرائيلي جارحيت کان بچي سگهن. اڳواڻن اقوام متحده کان گھر ڪئي ته فلسطينين مٿان اسرائيلي بمباري جو نوٽيس وٺي، فلسطينين سان انصاف ڪيو وڃي.