اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته شهباز شريف سميت قومي دولت لٽيندڙن کي ڇڏي نٿو گهجي، ڪالهه وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي اڳواڻن ۽ ترجمانن جو اجلاس ٿيو،ذريعن موجب اجلاس ۾ شهباز شريف خلاف اپيل سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرڻ واري مامري تي وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم چيو ته شهباز شريف خلاف اربين رپين جي ڪرپشن جا ڪيس داخل آهن، منهنجو ڪنهن سان ذاتي مسئلو ناهي، قومي دولت لٽڻ وارن کي ائين ڇڏي نه ٿو سگهجي، قانون جي حڪمراني لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهون ٿا، اسان جي 25 سالن جي سياسي جدوجهد قانون جي حڪمراني بابت آهي، اها جدوجهد جاري رهندي، ذريعن موجب اجلاس ۾ ڪورونا وائرس دوران ملڪي معاشي صورتحال تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي، ايڪسپورٽ ۽ پرڏيهه کان ايندڙ رقم ۾ مسلسل اضافي تي وزيراعظم اطمينان جو اظهار ڪيو، جڏهن ته وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته مهانگائي سڄي دنيا جو مسئلو آهي، پاڪستان ۾ مهانگائي ٻين ملڪن کان گهٽ آهي، پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن، معاشي بريفنگ تي وزيراعظم معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي ته حڪومت مهانگائي جي گهٽتائي لاءِ هر ممڪن ڪوششون وٺي رهي آهي، مثبت معاشي فائدو سڌو سنئون عوام کي ملڻ گهرجي، هي حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ عوامي رليف ۽ ترقياتي منصوبن تي وڌيڪ ڌيان ڏيندي.